Book Name:Safr e Haj Key Adab
واري کي خدا ياد اچي وڃي * منھنجون ڳالهيون فضول نه هجن، بيہوده ڳالهيون ڪرڻ وارو نه هُجان، بلڪه جڏھن به ڳالھايان، سٺو ڳالھايان، منھنجي زبان مان هر وقت نيڪي جي دعوت جا گل ڪِرندا رهن * ۽ ڪردار اهڙو هجي جو جيڪو ڏسي، ان کان دنيا وسري وڃي ۽ کيس آخرت جو فِڪر نصيب ٿي وڃي. ڪاش! اسان اهڙا بااخلاق، باڪردار ۽ پُراثر مسلمان ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.
عمل کا ہو جذبہ عطا یاالٰہی! گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!
ہو اَخلاق اچھا ہو کِردار سُتھرا مجھے مُتَقِّی تو بنا یاالٰہی!([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
ڪِناري تي حاجين جو جهاز ٻيهر لڳي چڪو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحمدُ لِلّٰہ! حج جا ڏِينهَن ويجھا آهن، عازِمِينِ حج (يعني حج جو ارادو رکڻ وارا خوش نصيب حضرات) سَفرِ حج جي تيارين ۾ مَصْرُوف هوندا * اِحرام خريد ٿي رهيا هوندا * سفر جو سامان ٻڌجي رهيو هوندو * ۽ ڪي خوش نصيب ته مڪي ۽ مديني ڏانهن روانا به ٿي چڪا هوندا. ڪاش! اهي سعادتون اسان کي به نصيب ٿي وڃن. اسان به اِحرام ٻڌون، لَبَّیْک اَللّٰہُمَّ لَبَّیْک جون صدائون بلند ڪندا مڪي پاڪ ڏانهن روانا ٿيون * طوافِ ڪعبه جي سعادت حاصل ڪريون * صفا ۽ مروه جي سَعي ڪيون * وُقوفِ عرفات ۽ وقوفِ مُزْدَلِفہ جا مزا ماڻيون * رَمِيءِ جَمَرات (يعني شيطانن کي پَٿريون هڻڻ) جي ذريعي دل کي سڪون پهچايون. ڪاش! صد ڪروڙ ڪاش...!! مديني پاڪ جي پُرنُور فضائن ۾ پهچڻ، سبز سبز گنبذ جي خوبصورت نظارن سان اکيون ٺارڻ نصيب ٿي وڃي.
آقا! نہ ٹوٹ جائے یہ دل کا آبگینہ بلوائیے مدینے دکھلائیے مدینہ
دل رو رہے ہیں جن کے آنسو چَھلک رہے ہیں اُن عاشقوں کا صدقہ بلوائیے مدینہ