Book Name:Safr e Haj Key Adab
جي اڳيان هٿ نه ڦهلايو! ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي اڳيان هٿ ٽَنگڻ ۽ ٻين تي بار ٿيڻ توڪل نه بلڪه توڪل جي خلاف آهي. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هتان اسان کي سبق مليو ته اسلام اسان کي خود داري سيکاري ٿو. حج جهڙي اهم عبادت آهي * ڪعبي شريف جي زيارت * وقوفِ عرفات * وقوفِ مزدلفه جهڙيون سعادتون، اهڙا عظيم ڪم، بخشش ۽ مغفرت ڏيارڻ وارا نيڪ اعمال....!! هي ڪم ڪرڻا هجن، انهن جي لاءِ به هٿ ڊِگهيرڻ جي اجازت نه آهي. بلڪه حڪم آهي ته پاڻ محنت ڪيو، مال ڪمايو ۽ سفر جا ضروري خرچ ساڻ کڻي پوءِ حج جي لاءِ روانا ٿيو، ٻين تي بار ٿيڻ جي هرگز اجازت نه آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام هٿ ٽَنگڻ ۽ ناحق سوال ڪرڻ کي ڪيترو برو سمجهي ٿو. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان محنت ڪرڻ وارا ٿيون، پِنڻ وارا هرگز نه ٿيون، مفت خوري جي طرف نه وڃون بلڪه حج جي سفر ۾ ته اهو مستحب آهي ته اسان ضرورت کان ٿورو وڌيڪ خرچ پاڻ سان گڏ کڻون ته جيئن ٻين تي خرچ ڪري سگهون. تنهنڪري اسان کي عام حالتن ۾ به ۽ حج ۽ عمري جي سفر ۾ به ناحق سوال کان هميشه بچندو رهڻ گهرجي.
ناحق سوال جو مطلب: جيڪڏهن ڪنهن جي اهڙي حالت نه آهي جو شريعت کيس ڪنهن کان ڪجهه گهرڻ جي اجازت ڏئي، ان جي باوجود به جيڪڏهن ڪو شخص سوال ڪري ٿو، ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگي ٿو، مفت خوري ڏيکاري ٿو ته اهڙي عمل کي ناحق سوال ڪرڻ چيو ويندو. حديث شريف ۾ آهي: جيڪو شخص بغير ضرورت جي سوال ڪندو آهي، اهو ڄڻ ٽانڊا کائيندو آهي[2]. هڪ ٻي حديث ۾ آهي: جيڪو شخص ٻين ماڻهن کان ان ڪري سوال ڪري ته جيئن پنهنجو مال وڌائي ته اهو جهنم جو گرم پٿر آهي، هاڻي ان کي اختيار آهي ته چاهي ٿورو طلب ڪري يا گهڻو طلب ڪري. [3]