Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

سگھي * جڏھن هو پنھنجو مٿو ڪُوڙائيندو آهي ته ان جي مٿي مان ڪِرڻ واري هر هڪ وار جي بدلي ۾ قيامت جي ڏينھن ان جي لاءِ نور هوندو * ۽ جڏھن حاجي ڪعبي شريف جو آخري طواف ڪندو آهي ته گناھن کان ايئن پاڪ ٿي ويندو آهي جيئن ان ڏينھن هو جنهن ڏينھن سندس ماءُ کيس جنم ڏنو هو. ([1]) 

حج جو فضيلتون ۽ برڪتون

 سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! حج ڪرڻ جون ڪيڏيون زبردست فضيلتون آهن * حاجي گھر کان نڪرندو آهي ته ان جي هر قدم تي هڪ نيڪي لکي ويندي آهي * هڪ گناہه مٽايو ويندو آهي * ميدانِ عرفات ۾ ان جا سمورا گناہه معاف ڪيا ويندا آهن * حاجي جڏھن شيطان کي پٿريون هڻندو آهي ته ان کي بيشمار اَجر عطا ڪيو ويندو آهي * حاجي وار ڪُوڙائيندو آهي ته هڪ هڪ وار جي بدلي ۾ روزِ قيامت هڪ نور عطا ڪيو ويندو    * حاجي جڏھن بيت اللہ جو آخري طواف ڪندو آهي ته هو گناھن کان بلڪل پاڪ ٿي ويندو آهي * مقبول حج جي جزا جنت آهي * حج اڳوڻن گناہن کي مٽائي ڇڏيندو آهي * حاجي پنھنجي گھر وارن مان چار سئو ماڻھن جي شفاعت ڪندو * حاجي جنھن جي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪري ان جي به مغفرت ٿي ويندي آهي * حاجي اللہ جو مھمان (Guest) آهي * حاجي جي دعا قبول ڪئي ويندي آهي * حاجي جي تنگدستي دور ڪئي ويندي آهي * جيڪو حاجي سفرِ حج ۾ فوت ٿي وڃي، قيامت جي ڏينهن پنھنجي قبر مان بلند آواز سان تَلبِيَہ (يعني لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك) پڙھندو اٿندو * حاجي کي دورانِ سفر هڪ روپيو خرچ ڪرڻ جي بدلي ۾ ڏهه لک روپيا خرچ ڪرڻ جو ثواب ملندو آهي * حاجي طوافِ ڪعبه جو شرف حاصل ڪندو آهي ته ان تي سٺ رحمتون نازل ٿينديون آهن * حاجي مسجدِ حَرام(يعني جتي خانه ڪعبه آهي، ان مسجد) ۾ نماز پڙھندو آهي ته ان کي چاليھ رحمتون نصيب ٿينديون آهن * حاجي مسجدِ حَرام


 

 



[1]...صحیح ابن حبان، کتاب کتاب الصلاۃ، صفحہ:586، حدیث:1887۔