Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني ڪورسز

پيارا اسلامي ڀائرو! دل ۾ مڪي ۽ مديني جي حاضري جو شوق پيدا ڪرڻ، باادب ۽ باوقار حاضري جا آداب سکڻ، تقوا ۽ طهارت حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر وقت دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته رهو! دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ زور شور سان حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني ڪورسز به آهي. 

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! * دعوتِ اسلامي عِلْمِ دين جو نور ورهائڻ واري ديني تحريڪ آهي * گهٽ ۾ گهٽ فرض عِلْمِ دين جهڙوڪ وضو، غسل، نماز، نمازِ جنازه، روزو، زڪوات وغيره جا ضروري مسئلا ته هر مسلمان سکي ئي وٺي، دعوتِ اسلامي ان جو عزم رکي ٿي * ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي ڪيترائي شارٽ ڪورسز ڪرائيندي آهي؛ جهڙوڪ * 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس * 7 ڏينهن جو 12 ديني ڪم ڪورس * 7 ڏينهن جو اِصلاحِ اَعمال ڪورس. ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪورسز آهن. 

       اوهان به اهي مختصر ڪورس ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گھڻيون برڪتون حاصل ٿينديون * دين سکند ته الله پاڪ راضي ٿيندو * رزق ۾ برڪت ٿيندي * عِلْمِ دين جو خزانو هٿ ايندو * نيڪين ڪرڻ جو ذهن بڻجندو  * الله پاڪ جي عبادت صحيح انداز ۾ ڪري سگهند ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪرم ئي ڪرم ٿيندو * مختصر ڪورسز جو هي فائدو پڻ آهي ته ماڻهو غير محسوس انداز ۾ گھڻو ڪجهه سکي وٺندو آهي * ڪم ڪار به متاثر نه ٿيندا آهن ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ چڱي ڀلي معلومات ملي ويندي آهي * جيئن نماز آهي، ان جا احڪام ۽ مسائل ته ايترا آهن جو ڪتاب ڀريا پيا آهن، اسان جهڙا عام ماڻهو اهڙا وڏا وڏا ڪتاب ڪيئن پڙهن؟ ايترو وقت ڪيئن ڪڍن؟ تنهنڪري آسان طريقو هي آهي ته 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس ڪري وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! انهن