Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی خَاتَمِ النَّبِیّٖن  ط

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِ ط بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِ ط

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه                                                                                                            اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه                                                                                                                        اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

حضرت سُفيان ثوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي تمام وڏا عالِم، فاضِل، مُحدِّث ۽ وڏا وَليِ الله ٿي گذريا آهن. پاڻ فرمائن ٿا ته: هڪ دفعو مون کي حجّ جي سعادت ملي، مون طواف جي دوران هڪ نوجوان کي ڏٺو، هو طواف جون ٻيون دُعائون پڙهڻ بدران صِرف درود پاڪ ئي پڙهي رهيو هو. مون حيرانيءَ مان کانئس پڇا ڪئي: تون صِرف درود پاڪ ئي ڇو پڙهي رهيو آهين، ٻيون دُعائون به ته آهن، اهي ڇو نه ٿو پڙهين...؟ ان نوجوان پهريان منهنجو نالو پڇيو، پوءِ پنهنجو واقعو ٻڌائيندي چيائين: مان ۽ منهنجو والِد صاحب حج لاءِ روانا ٿيا هئاسين، سَفر جي دوران هڪ جاءِ تي منهنجا والد صاحب سخت بيمار ٿي پيا، تنهنڪري اسان اتي ئي ترسي پياسين، عِلاج وغيرهه شروع ڪيو پر

مرض بڑھتا گیا جُوں جُوں دوا کی

والد صاحب جو آخري وقت اچي چڪو هو، تنهنڪري ڪنهن به دوا اثر نه ڪيو، آخرڪار منهنجو والد محترم وفات ڪري ويو. هڪ ته سفر جون مشڪلاتون، ٻيو والد صاحب جو صدمو ...!! ان سان گڏوگڏ هڪ ٻي مشڪل اها ٿي وئي جو جيئن ئي والد صاحب جو انتقال ٿيو، ان وقت ئي سندن چهرو ڪارو سياہه ٿي ويو. مان تمام گهڻو پريشان ٿيس، دل صدمي کان چُور چُور هئي، انهيءَ پريشانيءَ جي حالت ۾ اوچتو منهنجي اک لڳي وئي، ڇا ٿو ڏسان ته هڪ نهايت حسين ۽ جميل هستي، نُوراني چهرو چمڪائيندي، خوشبوءِ پکيڙيندي تشريف فرما ٿيا، هنن والد صاحب جي چهري تي پنهنجو نُوراني هٿ ڦيرايو، بس مبارڪ هٿ لڳڻ جي دير هئي، والِد صاحِب جو چهرو جڳمڳائجي ويو...!!