Book Name:Safr e Haj Key Adab
روضے کو دیکھنے کو آنکھیں تَرس رہی ہے دِکْھلا دو سبز گنبد اے سیّدِ مدینہ!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
سُوالَ به پاڻ ٻُڌايائون ۽ جواب به پاڻ ڏنائون
ابن حَبّان جي روايت آهي، هڪ ڀيرو هڪ انصاري صحابي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ ڪجھ سوال پڇڻ لاءِ حاضر ٿيا، رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪڏھن تون چاھين ته تون مون کان سوال ڪر! ۽ جيڪڏھن چاھين ته آءٌ ئي توکي تنهنجا سوال به ٻڌايان ۽ انھن جا جواب به ٻڌايان. صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ عرض ڪيو: يارسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوھان ئي ارشاد فرمايو ته آءٌ ڇا پڇڻ آيو آهيان؟ آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: تون پڇڻ آيو آهين ته * جڏھن حاجي پنھنجي گھر کان نڪرندو آهي ته ان جي لاءِ ڪھڙو ثواب آهي؟ * جڏھن هو ميدانِ عرفات ۾ ترسندو آهي ته ان جي لاءِ ڪھڙو ثواب آهي؟ * جڏھن هو شيطانن کي پٿريون هڻندو آهي ته ان جي لاءِ ڪھڙو ثواب آهي؟ * جڏھن حاجي پنهنجو مٿو ڪُوڙائيندو آهي ته ان جي لاءِ ڪھڙو ثواب آهي؟ * جڏھن حاجي آخري طواف پورو ڪندو آهي ته ان جي لاءِ ڪھڙو ثواب آهي؟ انصاري صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ عرض ڪيو: اي اللہ پاڪ جا نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ان ذات جو قسم! جنھن اوھان کي سچو نبي بڻائي موڪليو آهي، بيشڪ اوھان سڀ سوال صحيح ارشاد فرمايا آهن، ھاڻي انھن جا جواب به عطا فرمايو، رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: * جڏھن حاجي پنھنجي گھر کان نڪرندو آهي ته ان جي سواري جي هر قدم جي بدلي ۾ ان جي لاءِ هڪ نيڪي لکي ويندي آهي ۽ ان جو هڪ گناہه معاف ڪيو ويندو آهي * جڏھن هو ميدانِ عرفات ۾ ترسندو آهي ته اللہ پاڪ پنھنجي شان جي لائق آسمانِ دنيا تي تجلي فرمائيندو آهي ۽ فرمائيندو آهي: اي فرشتو! شاهد ٿي وڃو! مان ان جا گناہه معاف ڪري ڇڏيا، توڙي جو بارش جي قطرن ۽ وارِيءَ جي ذَرَن جي برابر هجن.
رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وڌيڪ فرمايو: * جڏھن حاجي شيطانن کي پٿريون هڻندو آهي ته قيامت تائين ان جو ثواب ڪوبه نه ٿو ڄاڻي