Safr e Haj Key Adab

Book Name:Safr e Haj Key Adab

آهن تنهنڪري الله پاڪ مون کي اهڙي جاءِ تي رسوا ڪري ڇڏيو جتي ماڻهو بلندي حاصل ڪندا آهن([1])

وُہی سَر بَر سرِ محشر بُلندی پائے گاجو سر                                  یہاں دنیا میں اُن کے آستانے پرجُھکا ہوگا

 الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي، اسان کي هرگز هرگز وڏائي جو اظهار نه ڪرڻ گهرجي. هڪ پنجابي شاعر ڏاڍي خوبصورت ڳالهه چئي آهي: 

اُچے بَوْل نہ بَوْل ظَہُوْرِی حَقْ دِے بَنْدِے کِہْہ گئے نَیں

نِیْوِیْں پَا کے ٹُردیاں رہنا چَنْگَا لگدا اے

وضاحت: اي ظهوري! الله پاڪ جا نيڪ بندا چئي ويا آهن ته ڪڏهن به وڏائي نه ڪريو! بس عاجزي سان سِر جهڪائي زندگي گذارڻ ، تمام سٺو لڳندو آهي. 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

  بيان جو خلاصو

بيان جو حاصل مطلب هي آهي ته حج هڪ بهترين عبادت آهي، عشق ۽ محبت جو سفر آهي، الله پاڪ اسان کي هن سفر جي سعادت نصيب فرمائي. هن سفر جا ڪجهه آداب جيڪي اسان ٻڌا: (1): هن سفر ۾ زبان جي چڱي ريت حفاظت ڪرڻي آهي، گنديون ڳالهيون بلڪل به نه ڪرڻيون آهن (2): گناهن کان مڪمل طور بچڻو آهي (3): لڙائي ۽ جهڳڙن کان به بچڻو آهي (4): ناحق سوال ڪرڻ کان بچڻو آهي (5): بهترين زادِ سفر تقوا آهي، تنهنڪري هميشه تقوا اختيار ڪرڻي آهي(6): تڪبر ۽ وڏائي کان ڪوهين ڏُور رهڻو آهي. 

      انهن آدابن جو لحاظ اسان کي سَفر حج ۾ به رکڻو آهي، عمري جي سَفر ۾ به رکڻو آهي ۽ عام زندگي ۾ به رکڻو آهي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن     صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]... الزواجر، الکبیرۃ الرابعۃ...الخ،جلد:1، صفحہ:81۔