Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
اگرسنتیں سیکھنے کا ہے جذبہ تم آ جاؤ دیگا سکھا مدنی ماحول
تمہیں لطف آجائے گا زندگی گا قریب آ کے دیکھو ذرا مدنی ماحول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد
هفتيوار اجتماع جو شيڊيول ۽ ان جون برڪتون
پيارا اسلامي ڀائرو! هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع جون بنيادي طور تي ٽي نشستون آهن، پهرين نشست مغرب کان عشاء (ان جو دورانيو 2 ڪلاڪ)، ٻئي نشست عشاء جي نماز کان آرام جو وقفو ۽ ٽئين نشست تهجد جي نماز کان اشراق ۽ چاشت کان پوءِ صلوٰة ۽ سلام تائين هوندي آهي.
هفتيوار اجتماع پاڪ ۾ اَوَّل کان آخر(يعني انهن ٽنهي نشستن ۾) شرڪت ڪرڻ جي برڪت سان اسان ڪهڙن ڪهڙن فضيلتن جا حقدار بڻجي سگهون ٿا؟ ٻڌو!
(1) هفتيوار اجتماع ۾ نمازن جو فيضان
هفتيوار اجتماع جي سڀني کان پهرين ۽ اهم ترين برڪت اها آهي ته ان جي ذريعي سان اسان کي باجماعت نمازون پڙهڻ جي سعادت ملي ويندي آهي. * مغرب جي نماز، * عشاء جي نماز، * فجر جي نماز، پوءِ نفل نمازون، جيئن * آوابين * صلواة التوبه * تهجد جي نماز * اشراق ۽ چاشت جي نماز، جيڪڏهن اسان هفتيوار اجتماع ۾ اَوّل کان آخر شرڪت ڪيون ته ان جي برڪت سان هي سڀئي نمازون پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿي ويندي. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!
انهن نمازن جي فضيلت ڇا آهي؟ ٻڌو! حديث شريف ۾ آهي: * جنهن فجر جي نماز باجماعت پڙهي، پوءِ ويهي ڪري الله پاڪ جو ذڪر ڪندو رهيو، ايستائين جو سج نڪري آيو ان جي لاءِ جنّت الفردوس ۾ 70 درجا هوندا، هر درجي جي