Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
تڪليف کان واقف هوندا آهن، تنهنڪري انهن ۾ نيڪي، ڀلائي، خيرخواهي ۽ خدمتِ خلق وغيره جا جذبات وڌيڪ پاتا ويندا آهن، * هن وقت دنيا ۾ هڪ وڏو مسئلو خودڪشي به آهي، خودڪشي جي واقعن ۾ روز بروز اضافو ٿي رهيو آهي، هن جُرم جي روڪٿام جو هڪ اهم ذريعو به ديني اجتماع آهي، اصل ۾ جيڪي پنهنجي زندگي سان مايوس ٿي ويندا آهن، جنهن کي لڳندو آهي زندگي ۾ ڪجھ ناهي رکيو، منهنجي لاءِ سڀئي دروازا، سڀئي راهون بند ٿي چڪيون آهن، اهي خودڪشي جو رستو اختيار ڪندا آهن، ديني اجتماعن جو فائدو اهو ٿيندو آهي ته، انهن جي برڪت سان مثبت سوچ پيدا ٿيندي آهي، زندگي جون نيون نيون واٽون سامهون اينديون آهن، زندگي کي هڪ مقصد ملندو آهي ۽، چڱي، باڪردار ماڻهن سان ملڻ جلڻ جي برڪت سان دل جو بوجھ هلڪو ٿيندو آهي، غم ۽ پريشانين جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي، ايئن اهو شخص جيڪو زندگي کان مايوس ٿي چڪو هجي، ان کي زندگي گذارڻ
جي نئين اُميد جذبو ۽ شُوق ملي ويندو آهي.
منعقد کرتے رہیں گے اجتماعِ ذِکْر و نعت
دُھوم ان کی نعت خوانی کی مچاتے جائیں گے
کر لو نیت سنتوں کی تربیت کے واسطے
قافلوں میں ہم سفر کرتے کراتے جائیں گے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ديني اجتماعن جون ڪيتريون برڪتون آهن، اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جيڪا سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهي آهي.