Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

آهن ۽ موجوده دور ۾ سائنسي تحقيقات (Scientific Researches) جيڪي هن حوالي سان ٿيون آهن انهن جو خلاصو عرض ڪيان ٿو، ٻڌو! ۽ جهومو!

احاديثِ ڪريمه جي مطابق، مجلسِ  ذڪر(يعني ديني اجتماع) ۾ اچڻ وارن تي ملائڪ پنهنجا پَر وڇائيندا آهن، انهن تي سڪون نازل ٿيندو آهي، انهن کي رحمت گهيري وٺندي آهي، انهن جي لاءِ بخشش جي خوشخبري آهي، انهن جي گناهن کي نيڪين ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي، ذڪر جون مجلسون جنت جي ٽڪيٽ آهن، ديني اجتماعن کي حديث پاڪ ۾ جنت جون ڪياريون چيو ويو آهي، الله پاڪ ذڪر جي مجلس ۾ اچڻ وارن تي فخر فرمائيندو آهي، ۽ ملائڪن جي سامهون انهن جو ذڪر خير فرمائيندو آهي.

هي اُهي برڪتون هيون جيڪي احاديث ۾ بيان ٿيون آهن، ان کان علاوه، * ديني اجتماعن جي برڪت سان الله پاڪ جو قرب ملندو آهي، * غفلت پري ٿيندي آهي، * نيڪي ۽ ڀلائي تي هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ نصيب ٿيندو آهي، * ديني اجتماعن جي برڪت سان ايمان مضبوط ٿيندو آهي، * ٻنهي جهانن جون ڀلايون ملنديون آهن، * معاشري جي اصلاح ٿيندي آهي، * پاڻ ۾ مُحبت، پيار، اتفاق، اتحاد جي دولت نصيب ٿيندي آهي، * ان جي برڪت سان اخلاق سنورجندا آهن، * ڪردار ۾ بهتري ايندي آهي، * عقل وڌندو آهي، *  سوشل لائف يعني معاشري ۾ رهڻ ۽ زندگي گذارڻ جو تجربو وڌندو آهي، * مخلتف سروي رپورٽس جي مطابق مذهبي ماڻهو (Religious People) (جيڪي جمعي ۽ ٻين ديني اجتماعن ۾ شرڪت ڪندا رهن ٿا، هي) غير مذهبي ماڻهن جي مقابلي ۾ نفسياتي مسئلن جو شڪار گهٽ ٿيندا آهن، * ڊپريشن جيڪو اڄوڪي دور جو هڪ وڏو مسئلو آهي، هائي بلڊ پريشر، گردن جا مرض (Kidney Diseases) ۽ هارٽ اٽيڪ وغيره جو هڪ وڏو سبب ڊپريشن آهن، هڪ سروي رپورٽ جي مطابق مذهبي ماڻهو(جيڪي اجتماعن ۾ شريڪ ٿين ٿا، اهي ڊپريشن کان تمام گهڻو محفوظ رهندا آهن، * ڇوته هي ماڻهو ٻين جي ڏُک