Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۾ حاضر آهيون. ھفتيوار اجتماع 12 ديني ڪمن مان هڪ اهم ديني ڪم آھي. شيخِ طريقت، اميراهلسنت، بانيءِ دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جن جڏهن دعوتِ اسلامي جو ديني ڪم شروع ڪيو ته اُن وقت سڀني کان پهريان هن ئي ديني ڪم کان آغاز ڪيو هئائون. دعوت اسلامي جو پهريون هفتيوار اجتماع گلزار حبيب مسجد (سولجر بازار، گُلستانِ شفيع اَوۡڪاڙوي ڪراچي) ۾ ٿيو.
الله پاڪ اُن ۾ برڪت عطا فرمائي، هفتيوار اجتماع وڌندو ويو، هاڻي اَلحَمۡدُلله! ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾ هزارين هنڌن تي هفتيوار سنتن ڀريا اجتماع ٿين ٿا. الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان هن پهرين ديني ڪم يعني هفتيوار اجتماع جون کوڙ