Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

بزمِ جاناں میں نشستیں نہیں ہوتی مخصوص

جو بھی اِک بار جہاں بیٹھ گیا، بیٹھ گیا

(3): ديني اجتماعن ۾ دلچسپي رکو!

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث شريف مان هڪ اهم ڳالهه جيڪا اسان کي سکڻ جي لاءِ ملي اها هيءَ آهي ته 3 ماڻهو هئا جيڪي حضور اڪرم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي محفل جي ڀرسان گذري رهيا هئا، انهن مان ٻه ته بارگاھِ رسالت ۾ اچي ويهي رهيا پر هڪ شخص جيڪو شايد منافق هو. ان کي ڪا مجبوري به نه هئي، ڪو عذر به نه هو، ان جي باوجود نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي درٻار ۾، محفل ۾، علم دين سکڻ سيکارڻ جي مجلس ۾ ويهڻ پسند نه ڪيو ته ان تي حضور اڪرم  جن فرمايو: اَعْرَضَ فَاَعْرَضَ اللہ عَنْہُ  ان منهن موڙيو ته الله پاڪ به ان کان اعراض ڪيو.

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ اسان لاءِ عبرت آهي...!! ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ خيال ايندو هوندو ته هفتيوار اجتماع ۾ وڃڻ، اجتماعِ شب برات، اجتماعِ معراج يا ٻين وڏين راتين جي اجتماعن ۾ وڃڻ ڪهڙو فرض يا واجب آهي...!! لهٰذا نه به وياسين ته خير آهي.

ننهي هڪ شيطاني وار آهي. ياد رکو! هتي ٻه شيون آهن: هڪ آهي ڪنهن عمل جي سختي (مثال طور گناهه ۽ حرام هجڻ وغيره) ۽ ٻيو آهي ان عمل جي نحوست. ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي ۾ فرق به هوندو آهي، هاڻي ڏسو! ديني اجتماع؛ * جتي الله ۽ رسول جون ڳالهيون ٻڌيون ٻڌايون وينديون هجن * دين جو علم سکيو ۽ سيکاريو ويندو هجي * اخلاق ۽ ڪردار جي سڌاري جي ڳالهه ڪئي وڃي * قبر ۽ آخرت جو فڪر ڏياريو ويندو هجي * محبتِ الٰهي ۽ عشقِ رسول جون ڳالهيون ٿينديون هجن * اهڙين محفلن ۽ ديني اجتماعن ۾ وڃڻ جيتوڻيڪ فرض ۽ واجب ناهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهڙن ديني اجتماعن ۾ شرڪت نٿو ڪري ته