Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
منقول آهي: هڪ شخص جي مرڻ کان پوءِ ان جي پاڙيسري کيس جنت ۾ ڏسي پڇيو: اهو مقام ڪيئن حاصل ٿيو؟ پاڻ فرمايائون: مان هڪ ديني اجتماع ۾ شريڪ ٿيس، جتي هڪ محدث صاحب (يعني علمِ حديث جي ماهر عالم) بيان دوران فرمايو: جيڪو شخص رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي وڏي آواز سان درود شريف پڙهي، ان تي جنت واجب ٿي ويندي آهي. اهو ٻڌندي ئي مون يڪدم بلند آواز ۾ درود پاڪ پڙهڻ شروع ڪيو، مون کي ڏسي اجتماع ۾ شامل ٻيا ماڻهو به بلند آواز ۾ درود پاڪ پڙهڻ لڳا. رڳو اهو نيڪ عمل يعني بلند آواز سان درود پاڪ پڙهڻ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ قبول ٿي ويو ۽ انهيءَ جي برڪت سان الله پاڪ مون کي ۽ اجتماع ۾ شرڪت ڪندڙن سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو. ([1])
نبی کی شان میں ہو جس قدر درود پڑھو! مُحِبَّو! پاؤ گے جنّت میں گھر درود پڑھو!
خُدا تو بھیجے ہے صَلُّوا وَ سَلِّمُوْا کا خطاب تم ایسے بیٹھے ہو کیوں بےخبر درود پڑھو! ([2])
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد