Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

هوندا؟ فرمايائون: هي مختلف قبيلن (Tribes) ۽ ڳوٺن جا ماڻهو هوندا جيڪي (دنيا ۾) الله پاڪ جي ياد لاءِ گڏ ٿيندا هئا ۽ پاڪيزه ڳالهيون اهڙي طرح چونڊيدا هئا جيئن کجور کائڻ وارو بهترين کجورون چونڊيندو آهي.[1]

گڏ ويهڻ وارو به بدبخت ناهي رهندو

صحابي رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُما فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن  سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت عبدالله بن رواح جي ڀرسان گذريا، اُن وقت حضرت عبدالله بن رواحه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان   جي درميان بيان ڪري رهيا هئا. رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اهو ڏسي ڪري خوشي مان فرمايو: جڏهن توهان جي ڪا جماعت ويهندي آهي ته ان سان اوتري ئي تعداد ۾ ملائڪ به گڏ ويهي رهندا آهن، جيڪڏهن توهان جي جماعت سُبْحٰنَ اللہ! چوندي آهي ته ملائڪ به سُبْحٰنَ اللہ! چوندا آهن، جيڪڏهن توهان اَلحَمۡدُلله! چوندا آهيو ته ملائڪ به اَلحَمۡدُلله!  چوندا آهن ۽ جيڪڏهن توهان اللهُ اڪبر چوندا آهيو ته ملائڪ به الله اڪبر چوندا آهن، پوءِ اهي ملائڪ پنهنجي ربّ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا آهن ۽ عرض ڪندا آهن (حالانڪه الله پاڪ وڌيڪ ڄاڻڻ وارو آهي): اي اسان جا ربّ! تنهنجا ٻانها تنهنجي پاڪائي بيان ڪندا هئا ته اسان به تنهنجي پاڪائي بيان ڪئي، انهن تنهنجي وڏائي بيان  ڪئي ته اسان به تنهنجي وڏائي بيان ڪئي، انهن تنهنجي حمد بيان ڪئي ته اسان به تنهنجي حمد بيان ڪئي. اُن تي الله پاڪ فرمائي ٿو: اي ملائڪو! گواھ ٿي وڃو......! ته مون انهن کي بخشي ڇڏيو. ملائڪ عرض ڪندا: انهن ۾ فلاڻو ٻانهو نهايت گنهگار آهي. الله پاڪ فرمائيندو آهي: اها


 

 



[1] الترغیب و الترہیب، کتاب الذکر والدعا،  جلد:2، صفحہ:252، حدیث:2334۔