Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
اڄوڪي دور ۾ ديني اجتماعن کي هٿي ڏيڻ ۽ انهن کي هڪ منظم انداز سان هلائڻ ۾ دعوت اسلامي نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اَلحَمۡدُلله! * دعوت اسلامي جي تحت ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾ هزارين هنڌن تي هفتيوار اجتماع ۽ سُنتن ڀريا اجتماع ٿيندا آهن، جن ۾ لکن جي تعداد ۾ مسلمان شريڪ ٿي برڪتون حاصل ڪندا آهن، * هزارين هنڌن تي اسلامي ڀينرن جا هفته وار اجتماع به ٿيندا آهن. * ان کان علاوه، جشنِ ولادت جي موقعي تي 12 هين شريف جا اجتماع، وڏي يارهين شريف، شبّ معراج، شب برائت، شب قدر وغيره وڏي يارهين شريف جا اجتماع به ٿيندا رهندا آهن، جن ۾ هزارين نه لکن جي تعداد ۾ اسلامي ڀائر شريڪ ٿيندا آهن ۽ برڪتون ماڻي گهر موٽندا آهن.
بهيرا (ضلع سرگوڌا، پنجاب پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءَ جو بيان آهي ته مان ڦوھ جواني ۾ بُرين عادتن جو شڪار ٿي ويو هيس، بُري صحبت بهرحال پنهنجو اثر رکندي آهي، تنهنڪري بُري ماڻهن جي سنگت مون کي به برو بڻائي ڇڏيو، مان گارگند ڪرڻ ۽ فلمون ڊراما ڏسڻ وغيره جي ڪيترن ئي گناهن جو شڪار ٿي ويو هيس، وقت سان گڏوگڏ منهنجون بيباڪيون وڌنديون ويون ۽ مان هڪ قبضه مافيه گروپ جو حصو بڻجي بدمعاش بڻجي ويس. مطلب ته مان پوري طرح گناهن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيس، منهنجي ڪجھ جُرمن جي ڪري مون تي مُقدّما به ٿيا، ڪيئي ڀيرا جيل به ويس پر منهنجي سڌرڻ جي ڪا راھ نظر نه پئي آئي، منهنجي زندگي برباد ٿي رهي هئي، مون کي ان جو ڪوبه احساس نه هيو.