Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

پنهنجي صحّت ۽ زندگي کي غنيمت ڄاڻيندي، آخرت جي تياري ڪرڻ جي لاءِ هر جمعرات تي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻايو! الله پاڪ اسان کي دعوتِ اسلامي جي تحت ٿيڻ واري هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ وقت جي پابندي سان شرڪت ۽ اجتماع گاھ ئي ۾ سڄي رات گذارڻ جي سعادت عطا فرمائي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

قرآن  ٽيچر موبائل ايپلي ڪيشن

 اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالوجي جو دور آهي. اَلحَمۡدُلله! قرآن ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، ان جو نالو آهي ” Quran Teacher. هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي اسين 30 کان وڌيڪ ديني ڪورسن ۾ داخلا وٺڻ سان گڏوگڏ پنهنجي داخلي جو اسٽيٽس به چيڪ ڪري سگھون ٿا۔ وڌيڪ اهو ته ڪورسن جو مختصر تعارف، پنهنجي رجسٽريشن ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڪلاس جي سرگرمين جي معلومات، ڪورسن بابت تفصيلات ۽ فيضان آن لائن اڪيڊمي جي اپ ڊيٽس به حاصل ڪري سگھون ٿا۔ ته اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ اها ايپ انسٽال ڪريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ