Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
اجتماع ۽ قُرب جي آهي اها ڪيئن حاصل ڪندا...؟ ته برائي ڪرم سُستي ختم ڪيو ۽ اجتماع ۾ حاضري جي برڪت حاصل ڪيو.
رات اعتڪاف ۽ تهجد جي نماز جي سعادت
پيارا اسلامي ڀائرو! هفتيوار سنتن ڀري اجتماع جي جدول ۾ شامِل ڪجھ شين جو بيان اسان ٻڌو، ان کان علاوه، هفتيوار اجتماع ۾ جمعرات جا 6 درود شريف ۽ دعائون پڙهايون وينديون آهن، سکڻ سيکارڻ جا حلقا لڳندا آهن جن ۾ سنتون ۽ آداب ۽ مختلف فرض علوم جي معلومات ڏني ويندي آهي، روزمرّھ جون مختلف دعائون به ياد ڪرايون وينديون آهن، پوءِ ان کان بعد نفلي اعڪتاف جي نيّت سان سڄي رات مسجد ئي ۾ گذارڻ جي ترڪيب ٿيندي آهي، تهجد جي باجماعت نماز ادا ڪئي ويندي آهي، اَوراد و وظائف پڙهيا، پڙهايا ويندا آهن، هفتيوار سنتن ڀري اجتماع جو اختتام اشراق و چاشت جي نماز کان پوءِ صلوات ۽ سلام تي ٿيندو آهي. ايئن اجتماع ۾ شريڪ ٿيندڙ کي اجتماع جي بدولت اشراق ۽ چاشت جون نفلي نمازون به پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿيندي آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو ته هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ صرف هڪ نيڪي ناهي بلڪه ڪثير نيڪين جو حَسين گُلدستو آهي ۽ پوءِ هي نيڪيون به ڪنهن عام ڏينهن تي نه بلڪه جمعي جي ڏينهن ڪيون وينديون آهن. جي ها! اسلامي اعتبار سان مغرب کان پوءِ نئون ڏينهن شروع ٿي ويندو آهي عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جو سنتن ڀريو اجتماع به مغرب جي نماز کان بعد شروع ٿيندو آهي يعني جمعي جي رات جو ٿيندو آهي ۽ جمعي جي هڪ نيڪي 70 نيڪي جي برابر هوندي آهي.
هي هفتيوار اجتماع جون ڪجھ جهلڪيون اوهان جي سامهون پيش ڪيون ويون آهن. جيڪڏهن غور فرمايو ته ان کان علاوه به بي شمار فضيلتون ۽ برڪتون هن اجتماع جي ذريعي اسان کي حاصل ٿينديون آهن. تنهنڪري اڄ ئي