Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

ويٺا، ان جي متعلق پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اٰوٰی اِلَی اللہ فَاٰوَاہُ اللہ يعني ان الله پاڪ جي حضور ۾ پناهه ورتي، ته الله پاڪ کيس پناهه ڏني.

  سُبْحٰنَ اللهِ! اسان کي به گهرجي ته * جڏهن به ديني اجتماعن ۾، محفلن ۾، علمِ دين جي حلقن ۾ حاضري ٿئي ته ٽِڙي نه ويهون بلڪ * جتي به خالي جاءِ هجي ته اُٿي، اڳتي وڌي ڪري جيڪڏهن اسان ان جاءِ کي ڀري سگهون ٿا، ته ان کي ضرور ڀريون * ٽِڙ وکڙ ٿي ويهڻ ۾ بري فال آهي جو ان جي نحوست سان دلين ۾ مِير پيدا ٿيندي آهي * ملي ڪري، ويجهو ويجهو ٿي ڪري ويهنداسين ته ان شآءَ الله الڪريم! ان جون برڪتون به حاصل ٿينديون ۽ * جيڪي علمِ دين جون ڳالهيون بيان ٿي رهيون هونديون، انهن کي ٻڌڻ، سمجهڻ ۾ به آساني ٿيندي.

(2): جاٿي به جاءِ ملي اتي ويهي رهو!

هن حديث شريف مان ديني اجتماع يا محفل وغيره جو ٻيو ادب اهو سکڻ جي لاءِ مليو ته جڏهن اسان ڪنهن ديني محفل يا اجتماع ۾ پهچون ۽ ان وقت اڳيان جاءِ نه هجي ته اسٽيج جي ڀرسان ويهڻ جي لالچ ۾ ٻين جي ڪلهن کي اورانگهڻ بدران جاٿي جاءِ ملي اتي ئي ويهڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪلهن تان اورانگهي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندؤ ته اُن سان هڪ ته مسلمانن کي سخت ايذاءُ ڏيڻ جو انديشو آهي، ٻيو ته اجتماع يا محفل جو ماحول به خراب ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري جاٿي به جاءِ ملي آرام سان اتي ويهي رهو.! ڏسو! اهو صحابي سڳورو جنهن کي محفلِ مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ اڳيان جاءِ نه ملي ته هُو حيا ڪندي پوئتي ويهي رهيو، ان تي حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِسْتَحْیَا فَاسْتَحْیَا اللہ مِنْہُ ان حيا ڪئي ته الله پاڪ ان کان حيا فرمائي (يعني ان تي رحمت فرمائي ۽ ان کي معاف فرمائي ڇڏيو).

اُس کی مرضی وہ جسے پاس بٹھا لے اپنے

اِس پہ کیا لڑنا  فُلاں میری جگہ بیٹھ گیا