Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
دعوت ڏني، کين وعظ و نصيحت فرمايو، انهن بيانن جا مضمون قرآنِ ڪريم ۾ ذڪر ٿيا آهن. مطلب ته انساني تاريخ ديني اجتماعن سان ڀري پئي آهي، شايد ئي ڪو اهڙو دور گذريو هجي، جنهن ۾ ديني اجتماع نه سجايا ويا هجن.
بلڪ پُر لطف ڳالھ عرض ڪيان؟ انساني تاريخ (Human History) ۾ سڀني کان پهريون اجتماع اُن وقت ٿيو هو جڏهن حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کان علاوه ڪو ٻيو انسان پيدائي نه ٿيو هو. جي ها! هن اجتماع پاڪِ جو ذڪر قرآنِ ڪريم ۾ به موجود آھي، الله پاڪ فرمائي ٿو:
قَالَ یٰۤاٰدَمُ اَنۡۢبِئۡہُمۡ بِاَسۡمَآئِہِمۡ ۚ فَلَمَّاۤ اَنۡۢبَاَہُمۡ بِاَسۡمَآئِہِمۡ ۙ قَالَ اَلَمۡ اَقُلۡ لَّکُمۡ اِنِّیۡۤ اَعۡلَمُ غَیۡبَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ ۙ وَ اَعۡلَمُ مَا تُبۡدُوۡنَ وَ مَا کُنۡتُمۡ تَکۡتُمُوۡنَ (۳۳)
ترجمو ڪنزالعرفان: (پوءِ الله) فرمايو: اي آدم! تون انهن شين جا نالا ٻڌاءِ، پوءِ جڏهن آدم انهن کي انهن شين جا نالا ٻڌائي ڇڏيا ته (الله) فرمايو: (اي ملائڪو!) ڇا مان توهان کي نه چيو هو ته آءُ آسمانن ۽ زمين جي سڀني لکيل شين کي ڄاڻان ٿو ۽ مان ڄاڻان ٿو جيڪو توهان ظاهر ڪيو ٿا ۽ جيڪو توهان لڪايو ٿا. (پارہ:1، سورۂ بقرہ:33)
هي اُن وقت جي ڳالھ آهي، جڏهن الله پاڪ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي پيدا فرمايو، پوءِ کيس عِلمُ الۡاَسۡماء (يعني نالن جو علم) عطا فرمايو، پوءِ کيس حڪم ٿيو ته تمام شين جا نالا ملائڪن کي ٻڌايو! تفسير نعيمي ۾ آهي: اُن وقت حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي لاءِ منبر وڇايو ويو، تمام ملائڪ سندن