Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

ماحول سان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، * ڪڏهن ڏاڙهي جي باري ۾ وسوسا اُڀرندا آهن، * ڪڏهن ديني ماحول ۽ اسلامي ڀائرن جي متعلق دل ۾ بدگمانيون جنم وٺنديون آهن ٻيا به کوڙ وسوسا ايندا آهن، هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت سان هڪ فائدو اهو به ٿيندو آهي ته هفتيوار بنيادن تي انهن وسوسن جي ڪاٽ ٿيندي رهندي آهي، * ذميدارن سان ملاقات ٿي ويندي آهي، * هڪٻئي سان حال احوال ٿي ويندو آهي. * پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي، جنهن جي برڪت سان شڪوا شڪايتن ۽ بدگمانين وغيره جي ڪاٽ ٿيندي رهندي آهي، * هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ مختلف موضوعن تي بيان ٿيندا آهن، جنهن جي برڪت سان علمِ دين سکڻ لاءِ ملندو آهي، * فڪرِ آخرت نصيب ٿيندي آهي. * خوفِ خدا سبب روئڻ نصيب ٿي ويندو آهي، * توبه ڪرڻ جي توفيق به ملندي رهندي آهي. مطلب ته هفتيوار سُنتن ڀريو اجتماع، *  ديني ماحول سان وابسته رهڻ، نيڪين تي استقامت ماڻڻ ۽، ديني ڪمن جي متعلق جذبو حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جو مجبوري سبب غير حاضر رهڻ الڳ ڳالھ آهي، البته! هفتيوار سنتن ڀري اجتماع سان بي رغبتي هرگز نه ڪرڻ گهرجي! الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

خُوب کر ذِکْرِ خُدا و مصطفےٰ         دِل مدینہ یاد سے اُن کی بنا

سنتوں کی لُوٹنا  جا کے متاع          ہو جہاں بھی سنتوں کا اجتماع

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد