Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

الۡوِداع جي موقعي تي ٿيو، اُن ۾ خطيب اسان جا آقا و موليٰ، امام الانبياء، مُحَمّدُ رَّسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  هئا ۽ ان خطاب کي ٻڌڻ وارا صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان   به هئا ۽ روايتن جي مطابق هن اجتماعِ پاڪ ۾ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام، حضرت خضر عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ حضرت الياس عَلَيۡهِ السَّلَام به تشريف کڻي آيا هئا. هي انساني تاريخ جو اهو اهم ترين اجتماع آهي جنهن ۾ رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن آخري خطبو ارشاد فرمايو، هي اهو عظيم الشان خطبو آهي جو اهڙو خطبو انساني تاريخ ۾ نه ان کان پهرين ڏنو ويو هو، نه ئي ان کان بعد ڪڏهن ڏنو ويندو.

 مطلب ته ديني اجتماع سجائڻ، ان انداز سان وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ، ماڻهن کي دين جون ڳالهيون ٻڌائڻ، فڪر آخرت، خوفِ خُدا، قبر ۽ حشر ۽ ٻين اصلاحي موضوعن (Refinement Topics) تي بيان ڪرڻ، ملي جُلي ڪري، اجتماع سجائي ڪري ذِڪرالله ڪرڻ، دُعائون گهرڻ هر دور ۾ اهلِ ايمان جو معمول رهيو آهي ۽ هي هڪ بهترين عبادت آهي، حديثن ۾ ان جا ڪيترائي فضائل بيان ٿيا آهن:

پاڪيزه ڳالهيون چونڊڻ وارا

   پيارا اسلامي ڀائرو! رحمت عالم، نور مجسمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: قيامت جي  ڏينهن ڪجھ اهڙا ماڻهو هوندا جيڪي نه نبي هوندا، نه شهيد پر انهن جي چهرن جو نور ڏسڻ وارن جي نگاهن کي حيران ڪندو، انبياءِ ڪرام ۽ شُهداء سندن مقام ۽ قرب کي ڏسي ڪري خوش ٿيندا. صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان عرض ڪندا: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! هي ڪير ماڻهو