Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
تنزُّل کے گہرے گڑھے میں تھے اُن کی
ترقّی کا باعِث بنا مَدَنی ماحول
یقیناً مقدّر کا وہ ہے سکندر
جسے خیر سے مل گیا مَدَنی ماحول
هڪ اسلامي ڀاءَ جو بيان آهي ته اسان جي پاڙي جو ٻار ڪنهن مُوذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو. ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ان جو علاج پاڪستان ۾ نٿو ٿي سگهي جيڪڏهن ان جي زندگي چاهيو ٿا ته کيس بيرونِ ملڪ علاج جي لاءِ کڻي وڃو. اهو ويچارو غريب شخص بيرونِ ملڪ مان علاج جي لاءِ لکين روپيه ڪٿان آڻي. مطلب ته اهو پنهنجي جگر جي ٽڪڙي جي زندگي مان نااُميد ٿي ويو. ڪراچي ۾ ٿيڻ وارو ٽن ڏينهن جو سنتن ڀريو اجتماع ويجهو هو. مون ان کي اجتماع ۾ شرڪت ڪري دعا گهرڻ جي ترغيب ڏياري. جيئن ته اهو پنهنجي بيمار ٻار کي به اجتماع ۾ وٺي ويو ۽ ۽ گڙگڙائي ڪري دعا گهريائين. اَلحَمۡدُلله! ٻار بلڪل تندرست ٿي ويو، جڏهن ڊاڪٽرن ٻار جو ٻيهر معائنو ڪيو ته حيران ٿي ويا. [1]
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪجھ اسلامي ڀائر اجتماع جي حاضري ۾ سُستي جو مظاهرو ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان مدني چينل تي ئي اجتماع ڏسي وٺنداسين اهڙن اسلامي ڀائرن جي خدمت ۾ عرض آهي ته جيتوڻيڪ اوهان مدني چينل تي اجتماع ڏسي وٺندا پر جيڪا برڪت ۽ فضيلت مسلمانن جي