Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

برڪت سان نه ڄاڻ ڪيئي ماڻهو پنهنجون خالي جهوليون مُرادن  سان ڀريندا آهن. حديث پاڪ ۾ دعا کي عبادت جو مغز چيو ويو آهي ۽ اعليٰ حضرترَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جماعت ۾ برڪت آهي ۽ مسلمانن جي اجتماع ۾ دعا ڪرڻ قبوليت جي تمام ويجهو آهي.

سُبْحٰنَ اللہ!  معلوم ٿيو، هفتيوار اجتماع دعائن جي قبوليت جو هڪ ذريعو آهي.

اَکين مان ڳوڙها نڪري آيا....!!!

اجتماع  ۾ ٿيڻ واري رقّت انگيز دُعا جي هڪ خاصيت اها به آهي ته اُن جي برڪت سان بيشمار پٿر دل انسان به پگهرجي ويندا ۽ خوفِ خُدا جي دولت ماڻي راھِ هدايت تي اچي ويندا آهن. ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءَ جو بيان آهي ته دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان منهنجي زندگي گناهن ۾ گذري رهي هئي، پوءِ مون کي هڪ اسلامي ڀاءَ مليو، جيڪو مسلسل نيڪي جي دعوت ڏئي ڪري آخر هڪ ڏينهن مون کي هفتيوار اجتماع ۾ وٺي آيو. مون اجتماع ۾ شرڪت ڪئي، بيان ٻڌو، پوءِ هڪ وقت تي بتيون وسايون ويون، مان سمجهيس ته اجتماع ختم ٿي ويو آهي پر هي اصل روحانيت جو وقت هيو، هاڻي اونداھ ۾ ذڪر شروع ٿيو، ذِڪرُ الله جي آوازن منهنجي دل ڏڪائي ڇڏي، مون زندگي ۾ ڪڏهن به اهڙي روحانيت نه ڏٺي هئي، نه ٻُڌي هئي، پوءِ جڏهن رقّت انگيز دعا شروع ٿي ته اجتماع  ۾ هڏڪين جا آواز بلند ٿيا، اهڙي دعا هئي جو مون جهڙو پٿر دل به شرمندگي ۽ ندامت سان روئڻ لڳو، منهنجي اکين مان بي اختيار ڳوڙها جاري ٿي ويا ۽ مان شرمسار ٿي پنهنجي گناهن کان توبه ڪري رهيو هيس.

تمہیں  لُطف  آ جائے   گا  زِنْدَگی  کا

قریب  آ کے  دیکھو  ذرا مَدَنی   ماحول