Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

(يعني ذِڪۡرُ الله جي لاءِ ديني اجتماع سجائڻ واري) اهڙي قوم آهي جو جن وٽ ويهڻ وارو به بدبخت ناهي رهندو.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو ڪيو! ديني اجتماع ڪيترا ته بابرڪت آهن....!! جيڪو انهن ديني اجتماعن ۾ ايندو آهي،  ان جي پنهنجي ته ڪيتري فضيلت  هوندي...!! بلڪه جيڪو ٿوري دير جي لاءِ انهن خوش نصيبن وٽ ويهي رهي، اهو ڪڏهن محروم ناهي ٿيندو. خيال رهي! الله هُو ۽ حق هُو جون ضربون لڳائڻ بيشڪ ذڪر ئي آهي، پر تلاوت قرآن، حمد ۽ ثناءَ، مناجات ۽ دعا، درود ۽ سلام، نعت، منقبت، خطبو، درس، سنتن ڀريو بيان وغيره به ذِڪۡرُالله ۾ شامل آهن. تنهنڪري عاشقانِ رسول جا سنتن ڀريا اجتماع به ذڪر جا حلقا آهن.

سارے عالم کو ہے تیری ہی جستجو

جِنّ و اِنس و مَلک کو تِری آرزو

یاد میں تیری ہر ایک ہے سُو بَسُو

بَن میں وحشی لگاتے ہیں ضَرباتِ ھو

اللہ اللہ اللہ اللہ

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب       صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

ديني اجتماعن جا ديني ۽ دنياوي فائدا

 پيارا اسلامي ڀائرو!  اسان کي ديني اجتماعن(مثلاً هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾، شب برائت، شبّ معراج، شب قدر وغيره وڏين راتين جي اجتماعن ۾، اجتماعي مدني مذاڪري وغيره) ۾ شرڪت ڪندو رهڻ گهرجي. ان جون کوڙ برڪتون آهن، ديني اجتماعن جون اهي برڪتون جيڪي احاديث ۾ بيان ٿيون


 

 



[1] مجمع البحرین، کتاب الاذکار، باب مجالس ذِکْر اللہ، جلد:4، صفحہ:192، حدیث:4520