Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
ساريون برڪتون آهن. انهي هفتيوار اجتماع مان ئي مدني قافلا تيار ٿيا، انهيءَ مان مبلغ تيار ڪيا ويا، ان جي برڪت سان دعوت اسلامي کي افرادي قوت نصيب ٿي، پوءِ اهو ديني ڪم وڌندي وڌندي اڄ الحمدلله! اهو سڄي دنيا ۾ پهچي چڪو آهي. شيخِ طريقت امير اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ 14 ڊسمبر کان 14 جنوري تائين هڪ مهينو هفتيوار اجتماع ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان مناسبت سان اڄوڪي بيان جو عنوان آهي: ديني اجتماعن جون برڪتون * ديني اجتماعن جي اهميت (Importance) ڇا آهي؟ * هن جي تاريخي حيثيت ڇا آهي؟ * انهن اجتماعن جي ذريعي اسان کي ڪهڙا ڪهڙا ديني ۽ دنياوي فائدا (Benefits) حاصل ٿين ٿا؟ * اجتماعن جي متعلق اسان جي پياري دين اسلام جي ڪهڙي تعليمات آهي؟ وغيره ڳالهيون اڄ اسان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.
اچو! پهريان، پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ پياري پياري ديني اجتماع (يا حلقهءِ درس) جو ذڪر خير ٻڌون ٿا.
هڪ باڪمال ديني اجتماع جو ذڪر خير
حديث پاڪ جي مشهور ڪتاب (Famous Book) بخاري شريف ۾ روايت آهي ته: مسجد نبوي شريف جي مقدس مقام ۾، اَخْطَبُ الْاَنبیا (يعني نبين مان سڀ کان وڏا خطيب) امام الانبياء، رسول خدا، احمدِ مجتبيٰ، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف فرما هئا. صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان به حاضر هئا (۽ هڪ اجتماع ۽ حلقي جي صورت ۾ درس و بيان، ذڪر، اذڪار وغيره جو سلسلو جاري هو).
(سبحٰن الله! ڪيڏو نه خوبصورت، منفرد، پيار ڀريو ۽ ايمان وارو منظر هوندو...!!
اِکْ سمت علی، اِکْ سمت عمر، صِدِّیق ادھر، عثمان اُدھر
اِن جگمگ جگمگ تاروں میں مہتاب کا عالَم کیا ہو گا...؟)