Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

خير! راوي فرمائن ٿا: محفل سجيل هئي ته ايتري ۾ 3 ماڻهو اتان کان گذريا، جڏهن انهن ڏٺو ته مسجد نبوي شريف ۾ محفل جاري آهي. سرڪارِ نامدار، مديني جا تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي تربيت فرمائي رهيا آهن ته انهن مان هڪ شخص ته پنهنجي گهر هليو ويو، باقي ٻه مسجد ۾ حاضر ٿيا، انهن ٻن مان هڪ شخص خالي جاءِ ڏٺي ته اڳتي وڌي اتي ويهي رهيو، ٻئي کي ڪا جاءِ نه ملي سگهي ته اهو سڀ کان آخر ۾ ويهي رهيو.

جڏهن پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ (درس ۽ بيان وغيره) کان فارغ ٿيا ته فرمايائون: ڇا مان توهان کي ٽن ماڻهن جي متعلق خبر نه ڏيان...؟ * انهن مان هڪ الله پاڪ جي حضور پناهه ورتي ته الله پاڪ ان کي پناهه ڏني * ٻئي شخص حيا ڪئي ته الله پاڪ به ان کان حيا فرمائي * ۽ ٽئين پُٺ ڦيري ته الله پاڪ به ان کان اعراض ڪيو. ([1])

هن حديث پاڪ جي شرح ۾ علماء ڪرام فرمائن ٿا ته: فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مطلب هي آهي ته انهن ٽن ماڻهن مان. (1): پهرين صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه مجلس مبارڪ (يعني مسجد نبوي شريف ۾ سجايل هن محفل پاڪ ۾ اڳيان جگهه ڳولڻ چاهي ته) الله پاڪ ان کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قرب ۾ جاءِ ڏني يا هيءُ مطلب آهي ته هن نيڪ عمل جي برڪت سان قيامت جي ڏينهن عرش جي ڇانوَ ۾ جاءِ عطا ٿيندي.  (2): ٻئي صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کان حيا ڪئي(جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيان ڪري رهيا هئا، تنهنڪري هي پوئتي ئي ويهي ڪري پياري آقا جون پياريون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ مصروف ٿي ويو). هن ادب جي برڪت سان الله پاڪ به انهن سان حيا فرمائي يعني انهن تي رحم فرمايو ۽ گناهن جي معافي عطا فرمائي (3): ۽ ٽيون شخص (جيڪو شايد منافق هو)، اُهو بنا ڪنهن مجبوريءَ جي ديني اجتماع کان پُٺ ڦيري هليو ويو، ان جي نحوست اها ٿي جو


 

 



[1]...بخاری، کتاب العلم، باب من قعد...الخ، صفحہ:24، حدیث:66، مطبوعہ:دار طوق النجاۃ۔