Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
ان کي گنهگار نه چيو ويندو، پر ان جي نحوست تي ٿورو غور فرمايو! اهو شخص جيڪو محبوب آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي محفل مبارڪ کي بغير عذر جي پُٺي ڏئي هليو ويو، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَعْرَضَ فَاَعْرَضَ اللہ عَنْہُ ان منهن موڙيو ته الله پاڪ به ان کان اعراض ڪيو.
هي ديني اجتماعن کان منهن موڙڻ جي نحوست آهي جو جيڪو به ان نيڪيءَ کان ڄاڻي واڻي ۽ بغير مجبوريءَ جي منهن موڙي ٿو، اهو کوڙ سارين ڀلائين کان محروم رهجي وڃي ٿو. ان ڪري ڪڏهن به ديني اجتماعن کان اعراض نه ڪيو. اعراض هڪ خاص لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي: ڪنهن شيءِ کان دل ڦيري وٺڻ.
ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته ديني اجتماع ٿي رهيو آهي، الله ۽ رسول جون ڳالهيون ڪيون وينديون، علمِ دين سکيو ۽ سيکاريو ويندو آهي ته انسان جي دل چاهيندي آهي ته مان به اجتماع ۾ شرڪت ڪريان پر ڪا مجبوري هوندي آهي، ڪو عذر ٿي ويندو آهي. جنهن سبب انسان ديني اجتماع ۾ شرڪت ناهي ڪري سگهندو، اها الڳ ڳالهه آهي پر ديني اجتماعن کان منهن ئي موڙي ڇڏڻ، جڏهن ته منهن موڙڻ جو ڪو شرعي سبب به موجود ناهي. اها خطرناڪ ڳالهه آهي، جيتوڻيڪ ان کي گناهه ۽ حرام نه چيو يندو، البت! کوڙ محرومين جو سبب ضرور آهي.
الله جي ياد کان دل کي ڦيرڻ جو عذاب
الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو:
وَ مَنۡ اَعۡرَضَ عَنۡ ذِکۡرِیۡ فَاِنَّ لَہٗ مَعِیۡشَۃً ضَنۡکًا
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جنهن منهنجي ياد کان منهن ڦيريو پوءِ بيشڪ ان جي لاءِ تنگ زندگي آهي. (پارہ:16، سورۂ طٰہٰ:124)
هڪ قول موجب هن آيت ڪريمه ۾ ذڪر مان مراد داعي آهي، يعني نيڪي