Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

الله پاڪ ان کان اعراض ڪيو (يعني کيس رحمت کان محروم ڪري ڇڏيو). ([1])

وہ کہ اس در کا ہوا، خلقِ خُدا اس کی ہوئی

وہ کہ اس در سے پِھرا اللہ اُس سے پِھر گیا

روايت مان سکڻ جا سبقَ

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث پاڪ ۾ اسان لاءِ ڪيترائي سبق آهن، مثال طور * هن حديث پاڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته مسجد ۾ ديني حلقا، محفلون يا اجتماع منعقد ڪرڻ مستحب (يعني ثواب جو ڪم) آهي * اها به خبر پئي ته اهڙي مجلس(محفل يا ديني اجتماع) جتي علمِ دين سکيو سيکاريو ويندو هجي، ان مجلس ۾ حاضر ٿيڻ وارو الله پاڪ جي حفاظت ۽ ان جي پناهه ۾ اچي ويندو آهي ۽ هي اهو ئي خوش قسمت آهي جنهن لاءِ ملائڪ پنهنجا پر وڇائيندا آهن. ([2])

 وڌيڪ هن حديث پاڪ ۾ اسان کي ديني اجتماع، محفلن ۽ علمِ دين جي سکڻ سيکارڻ جي حلقن جي متعلق اسان کي ٽي اهم آداب به سيکاريا ويا آهن:

(1): خالي جايون ڀريو!

 جڏهن به ڪنهن ديني اجتماع، محفل يا علمِ دين سکڻ سيکارڻ جي حلقي ۾ حاضر ٿيڻ جو موقعو ملي ته اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيترو ٿي سگهي مبلغ جي ويجھو ٿي ڪري ويهو ته جيئن ان جي ڳالهه آساني ۽ پوري توجهه سان ٻڌي سمجهي سگهجي ۽ جيڪڏهن اجتماع گاهه ۾، محفل ۾، ديني حلقي ۾، جاءِ خالي هجي ته ان کي ڀرڻ گهرجي. ڏسو! مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي محفل ۾ اچڻ واري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه جڏهن ڏٺو ته جاءِ خالي آهي ته اُتي وڃي


 

 



[1]...عمدۃ القاری، کتاب العلم، باب من قعد...الخ، جلد:2، صفحہ:33-34 ، تحت الحدیث:66 ملتقطاً ۔

[2]...عمدۃ القاری، کتاب العلم، باب من قعد...الخ، جلد:2، صفحہ:34، تحت الحدیث:66 ملتقطاً ۔