Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: مُڇيون ڪٽرايو ڏاڙهيون وڌايو مجوسين جي مخالفت ڪيو!( مسلم، کتابُ الطہارت، باب:خِصَالُ الْفِطْرۃ، صفحہ:153، حدیث:257۔)
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏاڙهي رکڻ سُنَّتِ مصطفيٰ بلڪه سُنّتِ انبياء آهي * اسان جي پياري
آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّمَ جي ڏاڙهي مبارڪ هميشه هڪ مُٺي جي مقدار رهندي هئي * جيڪڏهن هڪ مُٺي جي مقدار
کان وڌي ويندي هئي ته گھٽ ڪرائيندا هئا * رسول ڪريم
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّمَ جي ڏاڙهي مبارڪ ويڪر ۾ اهڙي هئي جو سيني مُبَارڪ کي ڀري ڇڏيندي هئي۔(
انوارِ جمالِ مصطفےٰ، صفحہ:157 خلاصۃً)
* اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏاڙهي ڪٽرائڻ ۽ مڇيون وڌائڻ کي سخت ناپسند ڪندا هئا * بهارِ شريعت ۾ آهي: ڏاڙهي ڪٽرائڻ يا هڪ مُٺي کان گھٽ ڪرڻ حرام آهي.( بہارِ شریعت، حصہ:16، جلد:2، صفحہ:586۔)
مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو