Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

انبياءِ ڪرام ۽ اجتماعي نيڪي جي دعوت

پيارا اسلامي ڀائرو! تَذْکِیْر يعني وعظ و نصيحت ڪرڻ شريعت کي مطلوب آهي. قرآن ڪريم جا جيڪي بنيادي عنوان آهن، انهن ۾ هڪ اهم ترين عنوان تَذْکِیْر (وعظ و نصيحت) به آهي. انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام، صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان، اولياءِ ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم اُن وعظ و نصيحت جي لاءِ جيڪي انداز اختيار ڪيا، انهن مان هڪ اهم، دلين تي گهڻو اثر ڪرڻ وارو ۽ معاشري ۾ انقلاب برپا ڪرڻ وارو انداز ديني اجتماع به آهي. * انبياءِ ڪرام
 عَلَيۡهِم السَّلَام جي متعلق ڪيئي روايتون موجود آهن جو هي عظيم هستيون اجتماع ڪندا هئا، ماڻهن کي جمع ڪندا هئا، انهن کي وعظ و نصيحت ڪندا هئا ۽ اجتماعي طور تي  نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا، * حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام  مختلف  وقتن ۾ بني اسرائيل کي جمع ڪري جيڪي خُطبا ڏنا يعني بيان فرمايا! انهن بيانن جا مضمون روايتن ۾ موجود آهن. * حضرت زڪريا عَلَيۡهِ السَّلَام  ماڻهن کي اجتماعي طور تي وعظ و نصيحت فرمائيندا هئا، * حضرت سُليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي متعلق روايتون آهن، پاڻ اجتماع سجائيندا هئا، * حضرت داؤد عَلَيۡهِ السَّلَام جي متعلق ته ايستائين روايتون اچن ٿيون ته پاڻ اجتماع سجائيندا ۽ خوفِ خُدا جي سبب ايتري قدر روئندا هئا جو سڄي اجتماع تي رقّت طاري ٿي ويندي هئي، سندن اجتماع ۾ خوفِ خدا جي غلبي سبب ڪيئي ماڻهن جو روح پرواز ڪري ويندو هو، ايترو پُرتاثير اجتماع هوندو هو، * اهڙي طرح حضرت نُوح عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم * حضرت صالح عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم * حضرت هود عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم * حضرت شُعيب  عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پنهنجي پنهنجي قومن کي جيڪا اجتماعي طور نيڪي جي