Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
جي دعوت ڏيڻ ۽ الله ۽ ان جي رسول جي عبادت جي طرف سڏڻ وارو. ([1])
مطلب اهو ٿيندو ته جيڪو داعي يعني نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري جي طرفان اعراض ڪري، ان کان دل ڦيري، ان لاءِ تنگ زندگي آهي. تفسير صراط الجنان ۾ آهي: (هڪ چوڻي موجب) هتي تنگ زندگي مان مراد آهي؛ دنيا جي تنگ زندگي ۽ اها هي آهي ته ٻانهو هدايت جي پيروي نه ڪري، بُڇڙن ڪمن ۽ حرام ڪمن ۾ مشغول رهي، قناعت کان محروم رهي ڪري لالچ ۾ گرفتار ٿي وڃي، مال ۽ دولت جي ڪثرت باوجود ان کي سڪون نه ملي. ([2])
هيءَ آهي تنگ زندگي...!! ۽ اها ڪنهن جي لاء آهي؟ جيڪو ذڪر کان، نيڪيءَ طرف سڏڻ وارن کان دل کي ڦيري ڇڏي.
مانندِ شمع تیری طرف لو لگی رہے
دے لطف میری جان کو سوز و گداز کا([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ نيڪ ڪمن جي طرف رغبت عطا فرمائي آهي، هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي توفيق بخشي آهي ته اُن تي الله پاڪ جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي ۽ پابندي سان هن نيڪ ڪم کي ڪندو رهڻ گهرجي، ان جون کوڙ ساريون برڪتون آهن، مثلاً، * هن نيڪ ڪم جي برڪت سان الله ۽ رسول جي محبت نصيب ٿيندي آهي، * نيڪين جي رغبت ملندي آهي، * گناهن کان نفرت ٿيندي آهي، * ڪڏهن ڪڏهن شيطان دل ۾ وسوسو وجهندو آهي، نيڪين ڀري ديني