Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
وچ ۾ ايترو فاصلو هوندو جيترو هڪ سيکاريل تيز رفتار عمده نسل جو گهوڙو 70 سال ۾ طئي ڪندو آهي * جنهن مغرب جي نماز باجماعت ادا ڪئي ان کي مقبول حج ۽ مقبول عمري جو ثواب ملندو ۽ * جنهن عشاء جي نماز باجماعت پڙهي ان جي لاءِ لَيۡلَةُ الۡقدر ۾ قيام(يعني عبادت) ڪرڻ جي برابر ثواب هوندو.[1] * اهڙي طرح اوابين جي نماز جي متعلق حديث شريف ۾ آهي: جيڪو مغرب کان بعد 6 رڪعتون پڙهي ۽ ان جي وچ ۾ ڪا بُري ڳالھ نه ڪري ته هي 12 سال جي عبادت جي برابر ٿينديون.[2] * هفتيوار اجتماع جي برڪت سان صلواة التوبه پڙهڻ جي به توفيق ملندي آهي، * تهجد پڙهڻ جي به سعادت ملي ويندي آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: رات جو ضرور قيام ڪيو(يعني نماز پڙهندا) ڪيو جو هي توهان کان پهريان نيڪ ماڻهن جو طريقو، ربّ جو قرب ماڻڻ، پوين گناهن کي مٽائڻ ۽ آئنده گناهن کان بچڻ جو ذريعو آهي.[3] انهي طرح اشراق جا نفل پڙهڻ جي متعلق احاديث ۾ آهي ته ان جي برڪت سان ٻانهي جا گناھ بخشيا ويندا آهن، جيتوڻيڪ جهڳ جي برابر هجن.[4]
تلاوت قرآن ڪريم: هفتيوار اجتماع ۾ سورت ملڪ پڙهڻ جي ترڪيب ٿيندي آهي. صحابي رسول عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: جڏهن انسان قبر ۾ ويندو ۽ عذاب جا ملائڪ ان جي قدمن جي طرفان ايندا ته ان جا قدم چوندا: توهان جي لاءِ هتان ڪو رستو ناهي، ڇوته هي(رات ۾) سورت مُلڪ پڙهندو هو. پوءِ اهي ملائڪ ان جي پيٽ جي طرف کان ايندا ته اهو چوندو: توهان جي لاءِ منهنجي طرف کان ڪو رستو ناهي ڇوته ان منهنجي اندر سورت ملڪ کي ياد ڪري رکيو هو پوءِ اهي سندن مٿي جي طرف کان ايندا ته مٿو چوندو: توهان جي لاءِ منهنجي طرف کان ڪو رستو ناهي، ان ڪري جو هي (رات ۾) سورت مُلڪ مون سان ئي پڙهندو هيو. جيڪو ان کي رات ۾ پڙهندو آهي تمام وڌيڪ