Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat
پوءِ ايئن ٿيو جو هڪ ڏينهن منهنجي ملاقات هڪ مبلغ دعوتِ اسلامي سان ٿي، اهو تمام سهڻي انداز ۾ مونسان مليو، حال احوال پڇيائين ۽ نهايت محبت ڀري لهجي ۾ دعوت اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. مون ان جي دل رکڻ جي لاءِ ها ته ڪئي پر اجتماع ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس. اُن اسلامي ڀاءَ جي استقامت ۽ نيڪي جي دعوت جي جذبي کي سلام جو صرف هڪ ٻه ڀيرا ئي نه بلڪه لاڳيتو ٻه سال مون کي اجتماع ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيندو رهيو. آخرڪار هڪ ڏينهن مان هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ پهچي ويس. اُن ڏينهن جهنم جي هولناڪين جي باري ۾ بيان ٿي رهيو هو، جهنم ۾ ڏني ويندڙ سزائن جي تفصيل بيان ڪندي مبلغ دعوت اسلامي تي رقّت طاري ٿي وئي ۽ اهو خوف خدا جي غلبي سبب زاروقطار روئڻ لڳو، ان جو بيان تاثير جو تير بڻجي منهنجي دل ۾ لڳو، ماضي جي ڪرتوتن ۽ جُرمن جي هڪ فهرست منهنجي اکين جي سامهون اچي رهي هئي، جهنم جي عذابن جو سوچي ڪري مون کي ڊپ ٿي رهيو هو، منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي رهي هئي. انهي خوف جي سبب منهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا، دل تان ميراڻ لهڻ لڳي، نيڪ بڻجڻ جي خواهش دل ۾ جڳھ ٺاهڻ لڳي، اَلحَمۡدُلله! هاڻي منهنجي سوچ بلڪل بدلجي چڪي هئي، پهريان مان جرمن جا نوان نوان منصوبا سوچيندو هيس، هاڻي نهايت بي چيني سان هفتيوار اجتماع جو انتظار ڪندو آهيان، جيئن جمعرات جو ڏينهن ايندو آهي، مان هر قسم جي مصروفيت ڇڏي ڪري اجتماع ۾ پڄي ويندو آهيان، ايئن هفتيوار اجتماع جي برڪت سان منهنجون عادتون سنورجڻ لڳيون، دل کي سڪون ملڻ لڳو ۽ ايئن ڪندي ڪندي معاشري جو هڪ بگڙيل انسان نيڪ رستي جو مُسافر بڻجي ويو.
عطائے حبیبِ خُدا مدنی ماحول ہے فیضانِ غوث و رضا مدنی ماحول