Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

Book Name:Deeni Ijitmaat Ki Barkaat

۽ سٺو عمل ڪندو آهي. حضرت عبدالرزاق صنۡعاني هي روايت نقل ڪرڻ کان پوءِ فرمائن ٿا: سورت ملڪ عذابِ قبر کان محفوظ رکندي آهي.

  نعتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ان کان پوءِ نعت شريف پڙهي ۽ ٻڌي ويندي آهي ۽ سُبْحٰنَ اللہ! نعتِ مصطفيٰ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي...!! * پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جا وصف ۽ فضائل ذڪر ڪرڻ الله پاڪ جي سُنت آهي، نبين، رسولن ۽ ملائڪن جي به سُنت آهي، اُن جي برڪت سان ايمان تازو ٿيندو آهي، دل ۾ عشق رسول وڌندو ۽، دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون آهن.

خُدا کا ذِکْر کرے، ذِکْرِ مصطفےٰ نہ کرے

ہمارے مُنہ میں ہو ایسی زباں خُدا نہ کرے

  سنتن ڀريو بيان:  هن کان پوءِ سُنتن ڀريو بيان ٿيندو آهي. ان جي  ذريعي علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو ٻانهو علمِ جي جستجو ۾ جوتا، موزا يا ڪپڙا پائيندو آهي ته پنهنجي اَڱڻ کان نڪرندي ئي الله پاڪ ان جا گناھ معاف ڪري ڇڏيندو آهي.[1]

ذڪرالله:  هفتيوار سنتن ڀري اجتماع جو هڪ خصوصي سلسلو ذڪرالله به آهي. ۽ حديث شريف ۾ آهي: جيڪا قوم الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ جي لاءِ ويهندي آهي ته ملائڪ انهن کي چاروطرف کان گهيري وٺندا آهن ۽ خدا جي رحمت ان کي ڍڪي وٺندي آهي ۽ انهن ماڻهن تي سڪينو (دل جو اطمينان) نازل ٿيندو آهي ۽ الله پاڪ پنهنجي مُقرّبين ۾ انهن جو تذڪرو فرمائيندو آهي.[2]

دُعا: هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ رقّت انگيز دُعا به ٿيندي آهي جنهن جي


 

 



[1] (المعجم الاوسط، ۴/۲۰۴، حدیث:۵۷۲۲)

[2] (مسلم،کتاب الذکر والدعاء،باب فضل الاجتِماع ۔۔۔الخ، ص۱۴۴۸، حدیث:۲۷۰۰)