Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. )[1](

  اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو ته نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! 

امام جلا ل الدين سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ ڪرامت

امام جلال الدين سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هڪ خادم هيو: حضرت محمد بن علي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ دفعي امام سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مون کي فرمايو: جيڪڏهن منهنجي وصال کان اڳ ۾ تون منهنجو راز ظاهر نه ڪرين ته اڄ عصر جي نماز مڪي شريف ۾ پڙهڻ جو اِرادو آهي. مون عرض ڪيو: جي! صحيح آهي (يعني مان راز ظاهر نه ڪندس). سو امام جلال الدين سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه منهنجو هٿ پڪڙي فرمايو: اکيون بند ڪر! مون اکيون بند ڪيون. اسان تقريباً 27 قدم مس هليا هئاسين ته فرمايائون: هاڻي اکيون کوليو! مون اکيون کوليون ته اسان مڪي شريف ۾ جنَّتُ الۡمَعۡليٰ جي دروازي تي هئاسين، پوءِ اسان اُمُّ المؤمنين حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي مزار پاڪ


 

 



[1]...بخاري، ڪتَاب بَدءِ الْوَحي، صفحو:65، حديث:1۔