Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti
ٻيون تمنائون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪيون ٿا، ڇا هن تمّنا جي لاءِ به ڪڏهن محنت ڪئي آهي؟ ديدار جي نعمت سان نوازڻ يا نه نوازڻ هي اُن سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مرضي آهي، اسان جي طرفان طلب ته پڪّي هجڻ گهرجي، ڪنهن کي گهرائڻو هجي ته هُو اچي يا نه اچي، انسان گهر جي صفائي سٿرائي ته رکندو ئي آهي جو اچڻ وارو ڪڏهن به اچي سگهي ٿو، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف کڻي اچن يا نه اچن، هي سندن مرضي، اسان کي گهرجي ته دل ۽ اکيون سندن راھ ۾ وڇائي رکون، پنهنجي دل ان جي عشق سان، سندن سُنّتن جي محبت سان سجائي رکون. افسوس! اسان کان اهو به نٿو ٿي سگهي....!! ڪاش! اسان کي ديدار مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شوق نصيب ٿي وڃي. سيّدي اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:
لطف اُن کا عام ہو ہی جائے گا شاد ہر ناکام ہو ہی جائے گا
جان دے دو وعدۂ دیدار پر نقد اپنا دام ہو ہی جائے گا
یادِ ابرو کر کے تڑپو بلبلو! ٹکڑ ٹکڑے دام ہو ہی جائے گا([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
امام سُيُوطي ۽ علم حديث جو شوق
پيارا اسلامي ڀائرو! امام جلال الدّين سُيوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي علمِ دين جو تمام گهڻو شوق هو، پاڻ ڪثرت سان ڪتاب پڙهندا، نهايت ذوق و شوق سان علمِ دين سکندا به هئا ۽ ٻين تائين علمِ دين جون ڳالهيون پهچائيندا به هئا. پاڻ علمِ تفسير، علمِ حديث، علم فقه ۽ علمِ لغت وغيره ڪيئي علوم ۾ ڪامل مهارت رکندا هئا. علم جي ميدان ۾