Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti
حديثِ خالد بن وليد روايت ڪن ٿا ته پاڻ گهرٻار ڇڏيو، حديثِ خالد بن وليد ٻڌڻ جي لاءِ مصر پهتا، حضرت ابو حامد مِصرِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ آيا، حديث شريف ٻڌائڻ جي لاءِ عرض ڪيو ته پاڻ فرمايائون: پهريان هڪ سال جا روزا رکو، پوءِ حديث ٻڌائيندس. حضرت ابو عبّاس مُستَغۡفري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي حديث شريف ٻڌڻ جو ايترو شوق هيو جو پاڻ هڪ سال جا روزا رکيائون، پوءِ حاضر ٿيا ۽ حديثِ خالد بن وليد ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! هي هئا پهريان جا مسلمان....!! انهن کي حديثون پڙهڻ، ٻڌڻ جو ڪيترو شوق هوندو هو....!! اڄڪلھ ته بس کائو، پيو ۽ جان بڻايو جو شوق رهجي ويو آهي. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: لله پاڪ ان شخص کي تروتازه رکي جيڪو منهنجي حديث کي ٻڌي، ياد رکي ۽ ٻين تائين پهچائي.[2]
حضرت زڪريا بِن عدّي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت عبدالله بن مُبارڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وفات کان پوءِ مون کين خواب ۾ ڏسي ڪري پڇيو: مَافَعَلَ اللہُ بِکَ الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو پاڻ جواب ڏنائون: حديث پاڪ جي طلب خاطر سفر ڪرڻ سبب الله پاڪ مون کي بخشي ڇڏيو.[3]
پيارا اسلامي ڀائرو! هن پُرفتن دور ۾ اوهان جي دعوت اسلامي اَلحَمۡدُلله! حديثِ پاڪ جي به خدمت ڪري رهي آهي، الله پاڪ جي فضل ۽ ان