Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

خواب ۾ به ديدارِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نصيب ٿي وڃڻ ڪا معمولي ڳالھ ناهي، تمام وڏو انعام آهي، هي اهو انعام آهي جو عاشق ان کي ماڻڻ جي لاءِ جان جي بازي لڳائڻ جي لاءِ به تيار ٿي ويندا آهن. عظيم عاشق رسول، مولانا جامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عرض ڪن ٿا: 

چُوں سُوئے مَن گُزَر آری مَنِ مِسْکِیْں زِ لَا دَاری

فَدَائے نَقْشِ نَعْلَیْنَت کُنَمْ جَاں یَا رَسُوْلَ اللہ!

 مفهوم: يارسول الله! جيڪڏهن اوهان هن مسڪين جي گهر تشريف کڻي اچو ته مان اوهان جي نعلين شريفين(يعني مبارڪ جوتين) تي پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏيان.

اگر میں خواب میں دیدار پاؤں       لپٹ قدموں سے بس قربان جاؤں([1])

مطلب ديدارِ مصطفيٰ اها عظيم نعمت آهي جنهن جي لاءِ عاشق تڙپندا آهن، ڳوڙها ڳاڙيندا آهن، روئندا وتندا آهن پر امام جلالُ الدِّين سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي قسمت ڏسو! کين خواب ۾ نه بلڪه سڄاڳي جي حالت ۾ ديدار مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو شرف مليو ۽ هڪ ڀيرو نه، باربار مليو، 77 ڀيرا نصيب ٿيو.

میں قرباں ان کی اس پاکیزگئ نظر پر جس کی

نبی کے جلووں سے کرتے طہارت تھے جلالُ الدّین

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

امام سيوطي به ! جنتي....!جنتي!!


 

 



[1]...دیوانِ سالِک،صفحہ:118۔