Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti
جيڪو سڀني کان وڏو درجو آهي اهو مُجتَهِد جو آهي ۽ امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيئي علومن ۾ مُجتَهِد جي مقام تي پهتل هئا.
امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خصوصيت سان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون حديثون پڙهڻ جا تمام گهڻو شوقين هئا. سندن حديث پاڪ جا ڪيئي ڪتاب به لکيا آهن ۽ حديثون زباني به ياد ڪندا هئا. پاڻ فرمائن ٿا: مون کي روءِ زمين تي 2 لک حديثون مليون، مون اهي سڀئي ياد ڪري ورتيون، جيڪڏهن وڌيڪ ملن ها ته اهي به ياد ڪري وٺان ها.[1]
کلامِ مصطفےٰ سے اس قدر تھی انسیت اُن کو
جو پڑھتے یاد کر لیتے روایت تھے جلالُ الدِّین
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! هي ڪيتري محنت جو ڪم آهي، حديثون، انهن جي راوين جا نالا، پوءِ هرهر راوي جي متعلق معلومات حاصل ڪرڻ، ڪهڙو راوي ضعيف آهي، ڪهڙو صحيح آهي وغيره جي پرک رکڻ، امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ان سڄي تفصيلات سان 2 لک حديثون زباني ياد هيون ۽ شوق ڏسو! فرمائن ٿا: جيڪڏهن وڌيڪ حديثون ملن ها ته مان اهي به ياد ڪري وٺان ها. امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي هن شوق ۽ محنت جو صلو ڪهڙو مليو؟ ٻڌو!
امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ ڪتاب آهي: جَمْعُ الْجَوامِعْ. هن ڪتاب ۾ امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون حديثون جمع ڪيون آهن. امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون کي خواب ۾ پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت نصيب ٿي ته