Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti
مون پنهنجي ڪتاب جَمْعُ الْجَوامِعْ جو ذڪر ڪيو ۽ عرض ڪيو: يارسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا مان هن ڪتاب مان ڪجھ پڙهي ٻڌايان؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ٻڌايو! اي شَیْخُ الْحَدِیث...! امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا؛ پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جو مون کي شَیْخُ الْحَدِیث فرمائڻ اها اهڙي بشارت آهي جيڪا منهنجي ويجهو دنيا ۽ جيڪو ڪجهه ان ۾ آهي، ان سڀني کان وڌيڪ آهي.
لقب سچّا ملا سرکار سے شیخ الحدیث ان کو
بڑے ہی ذِی شرف اور باسعادت تھے جلالُ الدِّین
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو......!! الله پاڪ اسان کي به حديثون پڙهڻ، لکڻ، سمجهڻ ۽ ياد ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. حديثون اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي زبان مبارڪ مان نڪتل الفاظ آهن، حديثن جو هڪ هڪ لفظ علم ۽ حڪمت جو سمنڊ آهي، انهن لفظن ۾ قيامت تائين اچڻ وارن جي لاءِ روشني آهي، نور آهي، هدايت آهي، پر افسوس! هاڻي احاديث پڙهڻ جو شوق گهٽ کان گهٽ ٿيندو پيو وڃي.
پهريان جا مسلمان حديثون پڙهڻ جو ڏاڍو شوق رکندا هئا، انهن وڏي رتبي وارن ماڻهن کي شل ڪا خبر ملندي هئي ته فلاڻي هنڌ هڪ ماڻهو آهي جيڪو هڪ حديث ڄاڻي ٿو ته هي صرف هڪ حديث حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهرٻار ڇڏي ڏيندا، ڪاروبار بند ڪندا ۽ هزارين ڪلو ميٽر جو سفر طئي ڪري صرف هڪ حديث پڙهڻ هليا ويندا هئا. امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: حضرت ابو عبّاس مُستَغۡفري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي خبر ملي ته مصر ۾ حضرت ابو حامد مِصرِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه