Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

جي پياري محبوب جي عطا سان دعوت اسلامي احاديثِ مصطفيٰ تائين پهچ کي آسان بڻايو آهي، جيڪڏهن اسان دل ۾ احاديثِ ڪريمه پڙهڻ جو شوق رکون ٿا ته دعوت اسلامي جي برڪت سان نهايت آساني سان حديثون پڙهي به سگهون ٿا ۽ انهن کي سمجهي به سگهون ٿا * مڪتبة المدينه جي ڪتاب: فیضانِ ریاض الصالحین. هن ڪتاب ۾ 1896 حديثون آسان ترجمي ۽ تشريح سان درج ڪيل آهي. * مڪتبة المدينه جي هڪ ڪتاب آهي: اَنْوَارُ الْحَدیث (هن ۾ ايمانيات ۽ نماز، روزي وغيره جي متعلق حديثون بيان ڪيون ويون آهن) * انهيءَ طرح 40 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم. مختصر رسالو آهي. شيخ طريقت امير اهل سنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جو هڪ رسالو آهي: فیضانِ اہلِ بیت هن ۾ اهل بيت اطهار جي شان ۾ 40 حديثون جمع ڪيون ويون آهن* اهڙي طرح هڪ رسالو آهي، ہرصحابئ نبی! جنّتی! جنّتی! هن رسالي ۾ صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  جي فضيلت تي 40 احاديث ۽ ان جي شرح لکيل  آهي * هڪ ڪتاب: فیضانِ چہل احادیث آهي، هي 40 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ ان جي وضاحت تي مشتمل ڪتاب آهي. * اهڙي طرح هڪ ڪتاب: منتخب حدیثیں. 40 حديثن جو ترجمو ۽ شرح آهي* اهڙي طرح هڪ ڪتاب اربَعیْنِ حَنفِیَّہ. نماز جي متعلق 40 حديثن جو مجموعو آهي. اهڙي طرح هڪ رسالو: احادیثِ مبارَکہ کے انوار هي رسالو 30 احاديث نبوي ۽ انهن جي مختصر وضاحت تي مشتمل آهي.

فيضانِ حديث موبائل ايپلي ڪيشن

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمْدُللہِ! دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به مختلف انداز سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، ان سلسلي ۾ اَلحَمْدُللہِ! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرفان تمام