Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti
کي برڪت عطا فرماءِ. [1]
حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: مون کي هن دُعاءِ مصطفيٰ جو تمام گهڻو فائدو ٿيو، اَلحَمۡدُلله! الله پاڪ مون کي مال به ڪثرت سان عطا فرمايو ۽ اولاد به گهڻو عطا فرمايو.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته پنهنجي اولاد کي نيڪ ماڻهن وٽ وٺي ويندا ڪيون، انهن سان پنهنجي ٻارن جي لاءِ دعا ڪرايون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون کوڙ ساريون برڪتون نصيب ٿينديون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
7 7 ڀيرا سڄاڳي ۾ ديدار مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! امام جلال الدين سيوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي الله پاڪ جو وڏو ڪرم هو، سندن ڪيئي خصوصي نعمتن سان نوازيو ويو هو، انهن مان هڪ تمام وڏي نعمت ديدار مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم به آهي. جي ها! امام جلالُ الدِّين سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ايتري وڏي رُتبي واري شخصيت آهن جن کي خواب ۾ نه بلڪ بيداري ۾ 77 ڀيرا حُضُور، پُرنُور، سيدُ الانبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ديدار نصيب ٿيو۔[2]
فنا تھے عشقِ سرور میں وہ اس درجہ کہ کثْرت سے
نظر سے صاف کر لیتے زیارت تھے جلالُ الدِّین
کئی کرتے ہیں خوابوں میں نظارے پیارے آقا کے
جو سر کی آنکھ سے کر لیں زیارت! تھے جلالُ الدِّین
سُبْحٰنَ اللہ! امام جلالُ الدِّين سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڇا شان آهي.....!! يقيناً