Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

سڄاڳي جي حالت ۾ رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت جو شرف ملي چڪو آهي، بادشاهن کي چوڻ کان بهتر آهي ته مان پنهنجي حاجت اُن سرڪار، ٻنهي جهانن جي مالڪ و مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ پيش ڪيان(انهيءَ ڪري مان بادشاهن کي ڪجھ ناهيان چوندو، پنهنجي حاجت بارگاھِ رسالت ۾ پيش ڪندو آهيان)، لهٰذا اوهان جي دل ۾ منهنجي حوالي سان جيڪو کُٽڪو آهي، ان کي ڪڍي ڇڏيو![1]

انہیں جانا، انہیں مانا، نہ رکھا غیر سے کام       لِلہِ الْحَمْد میں دُنیا سے مسلمان گیا ([2])

 الله پاڪ اسان کي به اهڙي توفيق نصيب فرمائي! ڪاش! اسان دنيا وارن جي سامهون هٿ ڦهلائڻ، انهن کي منٿون ڪرڻ جي بجائي سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي مدد جي لاءِ پڪارڻ جي عادت بڻايون. يقين مڃو! يقين مضبوط هجي، انسان دل کان پڪاري ته پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ضرور ڪرم فرمائيندا.

فریاد اُمَّتی جو کرے  حالِ زار  میں        ممکن نہیں کہ خیرِ بشر کو خبر نہ ہو([3])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                   صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

امام سُيُوطي سان اسان کي پيار  آهي

الله پاڪ اسان سڀني کي اهڙي نحوست کان محفوظ فرمائي، اَلحَمۡدُلله! اسان عاشقانِ رسول آهيون، عاشقانِ اولياء آهيون، عاشقانِ علماء آهيون، الله پاڪ جي فضل سان اسان کي تمام سُني عالمن سان پيار آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قيامت جي ڏينهن اِهو پيار، اها محبت اسان کي ضرور فائدو پهچائيندي،


 

 



[1] بَہْجَۃُ الْعَابِدِین،صفحہ:154ملتقطًا۔

[2]...حدائقِ بخشش،صفحہ:55۔

[3]...حدائقِ بخشش،صفحہ:130۔