Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

امام جلالُ الدِّين سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري جڏهن مون کي رسول ذيشان، مڪي مدني سُلطان جي زيارت جو شرف مليو ته مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڇا مان جنتي آهيان؟ فرمايائون: ها (تون جنتي آهين).

          (هاڻي جنت ۾ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هر مسلمان ويندو پر ڪجھ مسلمان اهي هوندا جيڪي پنهنجي گناهن جي سزا ماڻڻ جي لاءِ پهريان جهنم ۾ ويندا، پوءِ انهن کي جهنم مان ڪڍي ڪري جنت ۾ موڪليو ويندو).

  جيئن ته امام سُيُوطي فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڇا مان بنا عذاب جي جنت ۾ ويندس؟ فرمايائون: لَکَ ذٰلِکَ يعني ها! تنهنجي لاءِ ايئن ئي آهي.[1]

خدا کی بندگئ و مصطفےٰ کے عشق کے بدلے

ملی جنّت کی جن کو تھی بشارت! تھے جلالُ الدِّین

ان اکرامات وانعامات سے یہ صاف ظاہر ہے

بہت ہی خاصِ دربارِ رسالت تھے جلالُ الدِّین

 شوقِ ديدار مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  

 پيارا اسلامي ڀائرو! نعمت ملڻ به يقيناً هڪ سعادت آهي پر ان نعمت جي حفاظت ڪرڻ وڏو ڪمال آهي. امام جلالُ الدِّين سيوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي اها نعمت حاصل هئي جو کيس سڄاڳي ۾ ديدار مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نصيب ٿيندو هيو، اها نعمت برقرار رهي، هن کان محرومي نه ٿي، ان جي لاءِ امام جلالُ الدِّين سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  تمام گهڻو فڪرمند به رهندا هئا ۽ ان جي لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي هئي ته ان کان به پوئتي نه هٽندا هئا.


 

 



[1] اَلْکَوَاکِبُ السَّائِرَہ،جز:1، صفحہ:229۔