Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti
عاشقانِ اولياء هئا، لهٰذا شيخ محمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضري جو معمول هو، امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان اڃا ننڍو ئي هيس، اڃا والد صاحب به حيات هئا هڪ ڏينهن مون کي شيخ محمد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ آندو ويو، انهن منهنجي لاءِ برڪت جي دُعا ڪئي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو! پنهنجي ٻارن کي اولياءِ ڪرام ۽ نيڪ ماڻهن وٽ کڻي وڃڻ، انهن جي لاءِ برڪت جي دعا ڪرائڻ مسلمانن جو پراڻو معمول رهيو آهي ۽ ان جون کوڙ ساريون برڪتون نصيب ٿينديون آهن، ڏسو! امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي لاءِ هڪ مجذوب بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان دعا ڪرائي وئي ته ان جون ڪهڙيون برڪتون ظاهر ٿيون، اَلحَمۡدُلله! امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بلند مقام تي فائز ٿيا.
بيبي اُمِّ سليم پٽ جي لاءِ دُعا ڪرائي
ياد رهي! پنهنجي اولاد کي نيڪ ماڻهن وٽ کڻي وڃڻ يا انهن کان برڪت جون دعا ڪرائڻ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جي سُنَّت آهي. عام طور تي صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ پنهنجي ٻارن کي بارگاھِ رسالت ۾ آڻيندا ۽ دعائون به ڪرائيندا هئا. حضرت بيبي اُمّ سليم رَضِىَ اللهُ عَنْها صحابيه آهن، هڪ قول جي مطابق پاڻ رسولِ خُدا، احمد مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون رضاعي ماسيون آهن. هڪ ڀيري پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سندن گهر تشريف کڻي آيا ۽ گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ نفل نماز پڙهي، پوءِ حضرت بيبي اُمّ سليم رَضِىَ اللهُ عَنْها ۽ سندس گهر وارن جي لاءِ دُعا فرمائي. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجو هڪ خاص ٻار آهي(ان جي لاءِ خصوصي دعا فرمائيندا!) فرمايائون: اُهو خاص ٻار ڪير آهي؟ عرض ڪيائين: اوهان جو خادم انس(بن مالڪ). جيئن ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت انس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي لاءِ دُعا فرمائي: اَللّٰهُمَّ ارْزُقْهُ مَالًا وَ وَلَدًا، وَبَارِكْ لَهُ فِیْہِ اي الله پاڪ! انس کي مال ۽ اولاد ڏي ۽ ان