Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

    امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ شاگرد هو: شيخ جلالُ الدّين قادري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ، پاڻ فرمائن ٿا: امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وصال کان پوءِ مون خواب ڏٺو: ڄڻ ته قيامت قائم ٿي وئي آهي، سڀئي محشر جي ميدان ۾ جمع آهن، انهيءَ دوران اعلان ٿيو: مُحدّثين (يعني علمِ حديث جا ماهر عُلَماء) ڪٿي آهن؟ اهو ٻڌندي ئي کوڙ سارا عالم سڳورا اٿي بيٺا ۽ جتي جو حڪم ٿيو، اُتي تشريف کڻي ويا. پوءِ اعلان ٿيو: شيخ عبدالرحمٰن سُيُوطي(رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) ڪٿي آهي؟ هيءُ اعلان ٻڌي ڪري امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تشريف کڻي ويا، کوڙ ماڻهو ساڻس گڏ هئا. هي منظر ڏسي ڪري مان به اڳتي وڌيس ۽ سلام ڪيو، پوءِ عرض ڪيو: ياسيدي! مان به اوهان ئي جي جماعت جو آهيان؟ فرمايائون: هائو! سو مان به ساڻس گڏ هلي پيس. ان کان پوءِ منهنجي اک کُلي وئي.[1]

ہم کو اے عطّار سُنّی عالموں سے پیار ہے        اِنْ شَآءَ اللہ! دو جہاں میں اپنا بیڑا پار ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدرسة المدينه بالغان

  پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! هن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي علم دينِ عام ڪرڻ، صحابه و اهل بيت، اولياء و عُلماء جي محبت دل ۾ ويهارڻ ۽ اُمَّت کي نيڪ ڪمن جي طرف راغب ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، اوهان به دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حصو وٺڻ شروع ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هفتيوار هڪ ديني ڪم: مدرسة المدينه بالغان به آهي. ¯ حديث پاڪ ۾ آهي: توهان مان بهتر اهو


 

 



[1] بَہْجَۃُ الْعَابِدِین،صفحہ:274 ملتقطًا۔