Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

آهي جيڪو قرآن سکي ۽ سيکاري.[1] *  قرآنِ مجيد الله پاڪ جو ڪتاب آهي. *  ٻانهن جي نالي ربّ ڪريم جو پيغام آهي. * پر افسوس! اَڄ مسلمان قرآن پاڪ کان پري ٿيندا پيا وڃن. *  ڪيئي ماڻهن کي ڏسي ڪري به صحيح قرآن پڙهڻ نٿو اچي * جيڪي پڙهي سگهن ٿا اهي به تجويد ۽ مخارج جون اهڙيون غلطيون ڪندا آهن، جن جي سبب نماز ئي ناهي ٿيندي. * اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي قرآن جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. * مسجدن، دڪانن ۽ مارڪيٽن وغيره ۾ مدرسة المدينه لڳايا ويندا آهن.* صرف 35 کان 45 منٽن جي ڪلاس هوندي آهي. * اُن ۾ صحيح تجويد ۽ قرات سان قرآن پڙهڻ به سيکاريو ويندو آهي *فرض علوم به ٻڌايا ويندا آهن
* سنتون ۽ آداب به سيکاريا ويندا آهن ۽ * ترجمو ۽ تفسير ٻڌڻ جو به موقعو ملندو آهي* اوهان به ان ۾ شرڪت ڪيو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ ساريون برڪتون ملنديون. (معجم اوسط،جلد:1، صفحہ:472، حدیث:1743۔)

سنّتن جو عامل بڻجي ويو

   بلوچستان جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان فيشن پرست هيس، چهري تي نه ڏاڙهي هئي نه مٿي تي عمامي شريف جو تاج، سنّت جي راھ کان پري دنيا جي محبت ۾ مسرور پنهنجي قيمتي زندگي کي بي عملي ۽ جهالت جي اونداهي ۾ گذاري رهيو هيس. منهنجي زندگي ۾ روشني جو ڪرڻو هن طرح ظاهر ٿيو جو هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ مونکي تجويد سان قرآنِ پاڪ پڙهڻ جو ذهن ڏنو، نمازِ عشا کان بعد لڳندڙ مدرسةُ المدينه بالغان ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي، مون انهن جي


 

 



[1] بخاری، کتاب فضائل القرآن، باب خیرکم من ...الخ، صفحہ:1299، حدیث:5027۔