Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti
امام جلال الدين سُيُوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مختصر تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! امام جلال الدين سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نائين صدي جا مُجدّد ۽ ولي ڪامل آهن.[1] * پاڻ پهرين رَجب المُرجب، 849 هجري تي مصر جي شهر قاهره ۾ پيدا ٿيا ۽ ڪم و بيش 62 سال هن دنيا ۾ رهي ڪري 19 جمادي الاُوليٰ، سن 911 هجري تي وصال فرمايائون * سندن نالو؛ عبدالرحمٰن * ڪنيت: اَبو الفضل ۽ لقب: جلالُ الدين آهي. درياءِ نيل جي ڪناري سُيوط نالي هڪ ڳوٺ هيو، پاڻ اتان جا رهڻ وارا هئا، تنهنڪري سيوطي چورايائون. سندن ولادت لائبري ۾ ٿي، سندن والده مُحترمه(گهر ۾ ٺهيل) لائبريري مان ڪتاب کڻڻ ويون ته اُتي ٻار جي ولادت جا سُور شروع ٿي ويا ۽ سندن ولادت ٿي وئي، انهيء ڪري کين اِبْنُ الْکُتُب به چيو ويندو آهي. [2] * امام جلال الدين سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا والد محترم به تمام وڏا عالم دين ها، مدرسه شيخُويه ۾ پڙهائيندا هئا، امامِ مسجد به هئا، تمام نيڪ عبادت گذار هئا، تلاوت قرآن جا تمام گهڻا شوقين هئا، هفتي ۾ هڪ قرآن ڪريم مڪمل فرمائيندا هئا[3] * امام جلال الدين سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اڃان 5 سالن ئي جا هئا ته سندن والدِ مُحترم وصال فرمائي ويا يعني سندن مبارڪ ننڍپڻ يتيمي ۾ گذريو، سندن والد صاحب جي وصيَّت جي مطابق ڪمال الدين حنفي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کين پنهنجي نگراني هيٺ رکيو ۽ سندن تعليم ۽ تربيت تي خاص توجھ فرمائي.[4]
امام جلال الدين سُيُوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڳوٺ ۾ هڪ بزرگ رهندو هو، جنهن جو نالو شيخ محمد هو. امام سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا والدِ محترم ۽ تمام گهر وارا ڇوته