Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

جي زيارت ڪئي، پوءِ حرم پاڪ آياسين، طواف ڪيو، زم زم شريف پيتو، پوءِ مقامِ ابراهيم جي ويجهو ويهي رهياسون، پوءِ عصر جي نماز پڙهي، اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ کان بعد امام سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مون کي فرمايو: جيڪڏهن چاهيو ته مون سان گڏ واپس هلو، نه ته حاجين سان گڏ اچجو، مون عرض ڪيو: حضور مان اوهان سان گڏ هلندس، سو اسان جنَّتُ الۡمَعۡليٰ جي دروازي تائين آياسون، امام سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: اکيون بند ڪر. مون اکيون بند ڪيون، ٿوري دير کان پوءِ فرمايائون: هاڻي اکيون کُول! مون اکيون کوليون ته اسان مصر ۾ واپس اچي چڪا هئاسين.( اَلْکَوَاکِبُ السَّائِرَہ باعیان المائۃ  العاشرۃ، جلد:1، صفحہ:229ملتقطًا۔)

جلالِ مِلَّت و شیخ وِلایت تھے جلالُ الدِّیْن

خُدا کے اَوْلیا میں باکرامت تھے جلالُ الدِّین

ولی سُنّتے، پکڑتے، دیکھتے ہیں رَبّ کی قدرت سے

اسی قدرت سے طَے کرتے مسافت تھے جلالُ الدِّین

فاصلي جو گهٽجڻ به هڪ ڪرامت آهي

          پيارا اسلامي ڀائرو! فاصلي جو گهٽجڻ به هڪ ڪرامت آهي، ان کي طَیُّ الْاَرْض (زمين جو گهٽجڻ) چئبو آهي. الله پاڪ پنهنجي ولين کي اهو شان عطا فرمائيندو آهي جو هُو هن دنيا ۾ جڏهن چاهين، جتي چاهين، ظاهري اسباب جي بغير ئي سفر ڪري وٺندا آهن ۽ اهو سفر جيڪو عام ماڻهن جي لاءِ ڪيئي ڪلاڪ بلڪ ڪيئي مهينن جو هوندو آهي، اولياءِ ڪرام ان کي ڪجھ ئي منٽن ۾ طئي ڪري وٺندا آهن. ڪرامت جي هن قسم جو ذڪر قرآنِ ڪريم ۾ به آهي، سيپارو: 19، سورت نمل ۾ ذڪر آهي ته ملڪه بلقيس الله پاڪ جي نبي