Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

Book Name:Faizan e Hazrat Imam Jalal Uddin Suyuti

امام سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون ڪجھ مبارڪ عادتون

پيارا اسلامي ڀائرو! امام جلالُ الدين سُيُوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه * نهايت نيڪ، پرهيزگار، تقويٰ وارا * سنتن تي عمل ڪرڻ وارا ۽ هر حالت ۾ شريعت جي پيروي ڪرڻ وارا هئا * پاڻ فرمائن ٿا: مان اڃا 7 سالن جو هيس ته منهنجي دل ۾ نيڪ ڪمن جي ۽ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي محبت ۽ بُرن ڪمن جي نفرت وڌي وئي هئي، *جيڪو انسان برائي جي دعوت ڏيندو هو، مون کي ان کان قدرتي طور تي نفرت ٿيڻ لڳندي هئي، *مان ننڍپڻ کان ئي نيڪ ماڻهن جي متعلق چڱو گمان رکندڙ آهيان، * جلدبازي کان بچڻ ۽ هر ڪم سوچي سمجهي ڪرڻ سندن عادت ۾ شامل هو، * کين مسلمانن سان حُسن ظن ئي رکندا هئا، * پاڻ فرمائن ٿا: مون کي سُنت سان، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيارين پيارين حديثن سان ۽ نيڪ ماڻهن سان محبت آهي، مون کي خبر پئجي وڃي ته فلاڻي هنڌ نيڪ ماڻهو رهي ٿو، مان ان جي زيارت جي لاءِ به حاضر ٿيندو آهيان ۽ ان سان برڪتون به حاصل ڪندو آهيان.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! وقت جي ايڏي وڏي امام صاحب   جون ڪيتريون پياريون پياريون عادتون هيون، الله اسان کي به اهڙيون پياريون پياريون عادتون نصيب فرمائي. ڪاش! اسان کي به تقويٰ ۽پرهيزگاري ملي وڃي، ڪاش! نيڪ ڪمن جي محبّت ۽ گناهن کان نفرت عطا ٿي وڃي، ڪاش! سنت جي محبّت ملي ۽ نيڪ ماڻهن جون برڪتون ميڙڻ جو موقعو نصيب ٿي وڃي. 

نيڪ ماڻهن سان برڪت وٺڻ جي فضيلت

          پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ ماڻهن کان برڪتون وٺڻ نهايت پيارو عمل


 

 



[1] بَہْجَۃُ الْعَابِدِین،صفحہ:172خلاصۃً۔